جنگبندي باوجود اسرائيل جا لبنان تي حملا جاري، وڌيڪ 13 ڄڻا شھيد ٿي ويا

فہرستِ مضامین

اسرائيل طرفان جنگبندي جي باوجود لبان تي حملا جاري آھن جنھن ۾ وڌيڪ 13 ڄڻا شھيد ٿي ويا.

اسرائيل جنگبندي جي معاھدي بعد اربع تي پھريون ڀيرو لبنان جي گادي واري ھنڌ بيروت تي حملو ڪيو.

رپورٽس مطابق اھو فضائي حملو بيروت جي ڏکڻ واري علائقي داحيھ تي ڪيو ويو، جتي حزب اللھ جو مرڪز واقع آھي. سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيل تصوير ۾ وڏي پيماني تي باھھ ۽ گھٽ ۾ گھٽ ھڪ عمارت کي شديد نقصان ڏيکاريو ويو آھي.

اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياھو ھڪ بيان ۾ چيو تھ ھن پاڻ ان حملي جي منظوري ڏني ھئي، جنھن جو ھدف حزب اللھ جي ايليٽ رضوان فورس جو ھڪ ڪمانڊر ھو.

ان کان علاوھ اسرائيلي جنگي طيارن ڏکڻ لبنان جي شھر سڪسڪيھ تي بمباري ڪئي جنھن ۾ 5 ڄڻا شھيد ۽ 15 زخمي ٿيا.

رپورٽ مطابق اربع جي ڏينھن اسرائيل 17 اپريل تي لاڳو ٿيندڙ جنگبندي بعد پھريون ڀيرو بيروت جي ڏکڻ واري علائقي ۾ بمباري ڪئي جنھن ۾ گھٽ ۾ گھٽ 13 ڄڻا زخمي ٿيا.

ھوڏانھن اقوام متحدھ جي اداري انساني امور جي رابطا دفتر مطابق لبنان ۾ انساني صورتحال جنگبندي جي باوجود انتھائي غير مستحڪم آھي ۽ شھر مسلسل جنگ سبب متاثر ٿي رھيو آھي.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آھي تھ 2 مارچ کان ھينئر تائين لبنان ۾ 2 ھزار 700 کان وڌيڪ ماڻھو مارجي چڪا آھن، جڏھن تھ فضائي حملن سبب فوتگين جي تعداد روزانو وڌي رھي آھي.

ٻئي طرف حزب اللھ جو چوڻ آھي تھ سندن جنگجوئن اربع جي ڏينھن لبنان جي اندر داخل ٿيندڙ اسرائيلي فوج تي 17 حملا ڪيا.

حزب اللھ جي بيان مطابق اسرائيلي فوجين ۽ فوجي گاڏين کي قنطرھ، البياضھ، طيبھ، نقرھ، رشاف ۽ عيتا الشعب ۾ ڊرون ۽ راڪيٽ حملن ذريعي نشانو بڻايو ويو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں