ڪي اليڪٽرڪ سميت سڄي ملڪ جي بجلي صارفين کي 63 ارب 94 ڪروڙ رپين جو وڏو رليف ملڻ جو امڪان آھي.
نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) مطابق ڊسڪوز ڪلينڊر سال 2026 جي پھرين ٽھ ماھي جي ايڊجسٽمينٽ جي لاءِ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آھي.
نيپرا ان درخواست جي 19 مئي تي ٻڌڻي ڪندي، صارفين کي رليف جي فراھمي جو حتمي فيصلو نيپرا جي ٻڌڻي کان پوءِ ٿيندو.
درخواست مطابق جنوري کان مارچ ڪيپسٽي چارجز جي مد ۾ 36 ارب 83 ڪروڙ 70 لک رپيا گھٽتائي ٿي جڏھن تھ سسٽم جي استعمال جا چارجز ۽ مارڪيٽ آپريشن فيس جي مد ۾ 11 ارب 24 ڪروڙ رپيا گھٽتائي ٿي.
ڊسڪوز جي درخواست ۾ چيو ويو آھي تھ انڪريمنٽل يونٽس جي مد ۾ 23 ارب 51 ڪروڙ رپيا گھٽتائي جي درخواست آھي.