لائیو ملڪ جي ڪيترن علائقن ۾ شديد گرمي جي لھر، سنڌ ۾ ھيٽ ويو جي صورتحال

فہرستِ مضامین

ڪراچي: ملڪ جي ڪيترن علائقن ۾ شديد گرمي جي لھر برقرار رھي، سنڌ ۾ ھيٽ ويو جي صورتحال پيدا ٿي وئي.

ڪراچي ۾ سڄو ڏينھن گرمي جو زور رھيو، شھر ۾ گرمي پد 38 ڊگري رڪارڊ ڪيو ويو جڏھن تھ مٺي ۾ 44، ميرور خاص ۾ 42 ۽ حيدرآباد ۾ 40 ڊگري رھيو.

شديد گرمي سبب ٿرپارڪر ۾ کوھن جو پاڻي خشڪ ٿي ويو، ٿر جي سڃاڻپ مور ۽ چوپائي مال جي زندگي کي خطرو پيدا ٿي ويو، مقامي ماڻھو پاڻي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي ميلن تائين سفر ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا.

بلوچستان جا ڏکڻ وارا ضلعا بھ گرمي جي لپيٽ ۾ رھيا، تربت ۾ گرمي پد 45 ۽ لسٻيلي ۾ 44 ڊگري رڪارڊ ڪيو ويو.

خيبر پختونخوا ۾ بادل وسڻ جي خوشخبري ٻڌائي وئي آھي، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ بھ برسات جو امڪان پيدا ٿي ويو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں