تھران: خاتم الانبيا ھيڊ ڪوارٽر جي ترجمان چيو آھي تھ پروپئگنڊا، ڪوڙا الزام ۽ مظلوميت جو ڍونگ، مسئلا حل نٿو ڪري سگھي.
ترجمان چيو تھ ايران متحدھ عرب امارات تي ڪو حملو نھ ڪيو، امارات ايران جي خلاف ڪارروائي ڪئي تھ سخت جواب ڏنو ويندو، ڀرپور جواب کان پوءِ امارات کي پنھنجي کنيل قدم تي افسوس ٿيندو.
ترجمان چيو تھ اماراتي بچاءَ واري وزارت جو بيان مڪمل ڪوڙ ۽ بي بنياد آھي، خبردار ڪريون ٿا تھ يو اي اِي کي آمريڪين ۽ صيھونين جي لاءِ پناھ گاھ نھ بڻجڻ گھرجي.
ترجمان وڌيڪ چيو تھ آمريڪين ۽ صيھونين جي پناھ گاھ بڻجڻ اسلامي دنيا کي ڌوکو ڏيڻ جي برابر ھوندو، عرب امارات بدقسمتي سان آمريڪي ۽ صيھوني فوج جو اھم اڏو بڻجي چڪو آھي.
ھن چيو تھ آمريڪا ۽ اسرائيل عالم اسلام جا دشمن آھن، خطي ۾ عدم استحڪام جو سبب بڻجي رھيا آھن.