لائیو پشاور ۾ آمريڪي قونصل خاني جي مرحليوار بندش جو اعلان، سفارتي ذميواريون اسلام آباد منتقل

فہرستِ مضامین

پشاور / واشنگٽن: آمريڪي حڪومت پشاور ۾ پنهنجي قونصل خاني کي مرحليوار بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته خيبر پختونخوا سان لاڳاپيل سفارتي ذميواريون هاڻي اسلام آباد ۾ واقع آمريڪي ايمبيسي حوالي ڪيون وينديون.

آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ طرفان  طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهو فيصلو سفارتي عملي جي سلامتي ۽ وسيلن جي اثرائتي انتظام کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي۔ بيان موجب، موجوده حالتن ۾ سفارتي سرگرمين کي وڌيڪ محفوظ ۽ مرڪزي بڻائڻ ضروري سمجهيو ويو آهي.

بيان ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته پشاور ۾ قونصل خاني جي بندش باوجود پاڪستان بابت آمريڪي پاليسي ترجيحات ۾ ڪا به تبديلي نه ايندي۔ آمريڪي انتظاميا خيبر پختونخوا جي عوام ۽ صوبائي اختيارين سان پنهنجا لاڳاپا برقرار رکندي، جيئن معاشي تعاون کي وڌائي سگهجي ۽ علائقائي سلامتي کي مضبوط بڻائي سگهجي.

آمريڪي پرڏيهي کاتي وڌيڪ چيو آهي ته هو اسلام آباد ,لاهور ۽ ڪراچي ۾ موجود پنهنجن سفارتي آفيسن ذريعي پاڪ-آمريڪا لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ لاءِ پرعزم رهندو.

ماهرن موجب، هن فيصلي سان سفارتي سرگرمين جي ڍانچي ۾ تبديلي ايندي، جڏهن ته سيڪيورٽي خدشن کي به گهٽائڻ ۾ مدد ملندي، پر ساڳئي وقت علائقي ۾ سڌي سفارتي موجودگي گهٽجڻ سبب ڪجهه معاملن ۾ عملي اثر به پئجي سگهي ٿو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں