سڄاڻ ڏاهي سراج ميمڻ جي (خاڪن، تاثر، مهاڳ، تبصرن) تي ٻڌل ڪتاب “ڏاهپ ۽ ڏات جي لاٽ ” جيڪو تاج جويو صاحب پاران سهيڙيو ويو آھي، جو مطالعو ڪندي سراج ميمڻ جي علام آءِ آءِ قاضي سان ٿيل هڪ ڪچهري جو احوال پڙھندڙن جي ڄاڻ لاءِ حاضر آھي .
شڪيل سومرو
(علام آءِ آءِ قاضي سان هڪ ڪچهري )

سراج ميمڻ
گول دائري ۾ ڏهاڪو کن ڪرسيون پيل هيون ,انهن جي اڳيان اڌ آرام ڪرسين تي برف مان ٺهيل ٻه مورتيون ويٺل هيون . سندن سامهون ڪرسين تي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ , ڊاڪٽر عبدالواحد هاليپوٽو , ڊاڪٽر قاضي نبي بخش ,ڊاڪٽر غلام مصطفي خان ادب سان ويٺا هئا . اسين چپ چاپ ٻن خالي ڪرسين تي وڃي ويهي رهيا سون . مون هنن جي باري ۾ فقط ايترو ٻڌو هو ته علامه صاحب سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر هو , ۽ هر هفتي سندس ليڪچر ٻڌڻ لاء ھشام ماڻھن جا اچي سنڌ يونيورسٽي جي لائيبرري ۾ جمع ٿيندا هئا . سندس زال ايلسا انگريزي ۾ شعر چوندي هئي ,مصوري ڪندي هئي ۽ اڄڪلھ لطيف کي انگريزي شعر ۾ ترجمو پئي ڪيائين .
ان زماني ۾ آءِ ٻين مونجهارن کانسواءِ، سڀ کان وڌيڪ ان مونجهارن ۾ غلطان هوس ته هي ڪائنات جو مانڊاڻ ,آخر ڪئين وجود ۾ آيو؟ ان ۾ انسان جي حيثيت ڪهڙي آھي؟ جڏھن ڪائنات ۾ اسان جي هن ڌرتي يا خود سج جي به ڪا حيثيت ناهي ته پوءِ انسان ڪهڙي معنيٰ ٿو رکي؟
هڪ طرف اضافي نظريي مطابق ڪا اهڙي منزل ٿي اچي، جتي وقت ۽ مڪان هڪٻئي جون حدون اورانگهي هڪ ئي شيءِ جا ٻه نالا بڻجي ٿا وڃن ته ٻئي طرف انهي اٿاھ وقت ۽ مڪان جي سنگم ۾ انسان جو وجود بي معنيٰ نه آھي ته ٻيو ڇا آھي . ان جي باوجود مذهب انسان کي اشرف لمخلوقات ۽ ” خدا جو نائب ” سڏي، ان کي ڪا ڪوڙي سچي اهميت ڏيڻ جا جتن ٿو ڪري.
هڪ پاسي اهو مڪان آھي جتي ‘ نهايت ناھ ڪا!’ ٻئي پاسي ‘آءِ پنهون پاڻ ‘ جي دعويٰ. انسان ‘ اندر ۾ آذر ‘ ٻئي طرف ‘ عاشق عزازيل ٻيا مڙئي سڌڙيا ‘!
ارسطو کان هيگل ۽ ھيگل کان، مارڪس تائين، تاريخ جي ارتقا جا نظريا پاڻ ۾ ويڙهاند لڳايو ويٺا هئا، ۽ آءِ ناتوان ويچارو ٿيو، تهخانن ۾ ڀٽڪندو ٿي وتيس ! ان وقت جيڪڏھن ڪا ذري ماتر تسڪين حاصل ٿي ٿي ته اها فقط گوتم ٻڌ جي فلسفي ۾، پر روح جي وڻ ويڙھيءَ مان جند آزاد نٿي ٿي .
علام صاحب چئي رهيو هو : ” سو مون پاڻ ڳالھھ پئي ڪئي، وڻن جي ! مون کي به وڻ هميشه ڇرڪائيندا آھن. هڪڙو بڙ جو وڻ، ٻيو کجي جو وڻ. بڙ جي وڻ جون شاخون – جٽائون، جيڪي ڄڻ ھن جو ڌئيرون آھن، سي مٿان کان هيٺ لهي، ان ساڳي زمين ۾ پاڙون ڪرڻ ٿيون لڳن، ۽ پنهنجي اصل سان – پنهنجي ماء پاڙن سان گنڍجي، انهن کي نئين سر قوت ٿيون بخشين . “
” هڪڙي ٻي ڳالھھ تي غور ڪريو ته جنهن ملڪ ۾ بڙ جو وڻ ٿو پيدا ٿئي، اتي “گڏيل ڪٽنب ” (joint family system )جو سرشتو انسانن ۾ رائج نظر ٿو اچي …”
ها، ” اصل ڏانهن موٽ ” جو اهو برابر نئون نقطو آھي . ڀٽائي ان نقطي تي خاص ڌيان ڏنو آھي ….! مسز ايلسا قاضي شاعري جو حوالو ڏنو .
“۽ ٻيو وڻ کجي جو آھي، جيڪو ڄڻ پنهنجي ڌرتي کان پري ٿو ڀڄي ….. زمين جي ويجهو هن جي ڪا شاخ نه هوندي آھي، زمين کان گهڻو پري، مٿي منجهنس ٻه چار شاخن جا جهڳٽا وڃي ٿا چهٽن. ميوو به اتي مٿي ٿو ٿئي !” علامه صاحب ڏاڍي پيار مان ايلسا کي ڏسندي، پنهنجي ڳالھھ کي اڳتي وڌايو .
” کجي عربستان جو وڻ آھي ,جتي خانه بدوشي به ان ڪري ته ڪانهي ته پنهنجي اصل گهر کان پري رهڻ جي سکيا کين قدرت کان ٿي ملي …. ايلسا مرڪي چيو. ” امڙ (Mother) ٺيڪ ٿي چوي! ڊاڪٽر بلوچ ڳالھھ کي ٽيڪو ڏيندي چيو . ” سبحان الله …….” ڊاڪٽر هاليپوٽي جي وات مان بيساخته گفتو نڪتو .
علامه صاحب گهڙي کن ماٺ ڪري ,وري چوڻ لڳو : اهي ٻه ضد آھن، پر زمين ۾ کتل آھن. بلڪل ائين، ‘آءِ ‘ ۽ ‘ تون ‘ بظاهر ٻه ضد آهن . ‘ تون ‘ , ‘ آءِ ‘ جو ٻاهر – پڻو آھي. (Externalisation )آهي ….”
” سائين ان جي ٿوري وضاحت ڪريو ته چڱو ….” ڊاڪٽر قاضي چيو …
” پٽ ڏس نه ! جڏھن آئون ڪنهن ٻي’ شيءِ ‘ کي خيال ۾ آڻيان ٿو، ۽ ان کي ڪو نالو ٿو ڏيان ته ڄڻ ته مون هن کي ‘ پنهنجو حصو ‘ بڻائي ڇڏيو. هن جو ٻاهر پڻو ختم ٿي ويو، منهنجي وجود جو حصو، ڀاڱو بڻجي ويو. ائين انسان ٻاهرين شين ۽ وجودن جي عڪسن کي پنهنجي’ اندر ‘ آڻي پنهنجو’ ذهن ‘ (Intellect) خلقيو آھي . ‘ اندر’ ۽ ‘ ٻاهر ‘ جو اهو ميلاپ آھي، ڳانڍاپو آھي. انسان ان ساڳي سفر ۾ اندرئين سفر ۾ هلندي هلندي، ايترين ۽ اهڙين گهراين ۾ ٿو پهچي، جنهن کي هن اڳتي هلي ‘ روحاني ‘ مرحلي جو نالو ڏنو آھي.
” واھ واھ …..واھ جي سمجهاڻي ڏني اٿو سائين ! ڊاڪٽر خان ڏاڍيان چيو .
” هاڻ ڏسو ته اهو هڪ دائرو بڻجي ٿو وڃي , جيڪووجود جو دائرو چئجي ٿو (Circle of Being) , جنهن کي اسان ٽن حوالن سان مرتب ڪيو : طبعي، ذهني ۽ روحاني. اهو خود انسان جي دماغي قوت جي استعمال سان، ڇيد ڪرڻ جي وسيلي ٺهيو آهي. اهائي انساني وجود جي جوڙجڪ آھي، ۽ انهن منجهان ئي ٻيون وصفون ڦٽي ٿيون نڪرن، ۽ اهي ٽئي دائرا ۽ انهن جون وصفون، هڪ ٻئي تي اثرانداز ٿينديون رهن ٿيون !”
سائين تنهنجي معنيٰ ته روح جو تصور به طبعي يا مادي ماخذ جو ثابت ٿيو، نه مابعدالطبعياتي، جئين مذهب ۾ چيو وڃي ٿو ….” سوال ڪرڻ وقت منهنجي زبان ٻاتي ٿي وئي. مون، کي يقين ڪو نه هو ته مون اهي لفظ چيا يا رڳو دماغ ۾ ٻريا هئا.
” پٽ مذهب به ته انساني سوچ مان پيدا ٿيو آھي. انساني ذهن جي پيداوار آھي. ٻاهرين وجودن سان انساني احساس جي ڳانڍاپي کي ان ۾ وڏو دخل آھي. سمجهيئي؟” علامه صاحب نهايت جهيڻي آواز ۾ پاٻوھ سان چيو. ” نه سائين مون نه سمجهيو!” مون ۾ الائي ڪٿان همت اچي وئي.
ابا تون هن محفل ۾ نئون آھين، ان ڪري تو کي مثال ڏئي ٿو سمجهايان. فطرت جي مختلف شعبن ۾ نباتات، جمادات ۽ حيوانات ۾ ٻاهرين عمل ۽ اندرين ردعمل جو، هڪ عنصر آھي ‘ stimus and response’ مثال طور: وڻ ۾ پڪل ميوو پکي کي آماده ڪري ٿو ته هو ان کي چهنب هڻي انسان ۾ به ساڳيو ردعمل ٿو پيدا ٿئي ته هو ان کي پٽي، وات ۾ وجهي کائي.
ساڳي صورتحال نسل جي حفاظت جي جبلت سان به آھي. (preservation of species ) نر ۽ مادي هڪ ٻئي کي ڏسن ٿا ۽ هنن ۾ ڪي ردعمل پيدا ٿين ٿا، جن جي نتيجي طور نسل اڳتي وڌي ٿو. هاڻ اهو ساڳيو ردعمل جڏھن ذهني (Intellectual) سطح تي نمودار ٿئي ٿو، تڏھن جسماني عمل کانسواءِ ڪي اهڙا اظھار جا وسيلا پيدا ٿين ٿا جن کي اسين ‘ جماليات ‘ (Aesthetic) ٿا سڏيون. “
ساڳي طرح، جڏھن اسين ٻاهرين شين جي بدران انهن جي عڪسن يا علامتن کي پاڻ ۾ لھھ وچڙ ۾ ٿا آڻيون، سندن عمل ۽ ردعمل جو هڪ نظام ٿا بنايون، انهن جا ضد ٿا مقرر ڪريون، يا هڪجهڙن عملن يا ردعملن مان ڪي اصول ٿا مقرر ڪيون ته ان کي اسين ‘ عقلي نظريا ‘ (Rational phenomena) ٿا سڏيون.
اڃا اڳتي هلو ته جڏهن ان ذهن کي اڃا ئي اندر ئي اندر جاري ٿا رکون ۽ اسين ڪي نيون گهرايون ٿا ڏسون ته انهن کي اسين روحاني (Spiritual) ٿا سڏيون. جڏھن اهو اندريون سفر ايترو اونهو ٿي ٿو وڃي، جو انسان جي وجود تي حاوي ٿي وڃي، تڏھن ان تحرڪ کي ‘ Religious movement’ ٿو سڏجي .
مختصر لفظن ۾ ائين چئجي ته اها انسان جي اندر ۾ پيدا ٿيل قوت آھي، جيڪا ٻاهرين دنيا جي ذريعي ۽ سبب جي ڪري پيدا ٿئي ٿي، ان کي قوت (Energy) چئو، روشني چئو، نور يا ٻيو ڪجھھ جيڪا جمالياتي، عقلي ۽ روحاني صورتون اختيار ڪري ٿي. جڏھن ڪنهن فرد جي انهي قسم جي قوتن جي فراواني جي ڪري ٻيا فرد سندس چوگرد جمع ٿيڻ لڳن ٿا، تڏھن ئي گروھ، قومون ۽ مذهبي جماعتون پيدا ٿين ٿيون !”.
ڪتاب ” ڏاهپ ۽ ڏات جي لاٽ ” سراج، چونڊ ۽ سهيڙ: تاج جويو تان کنيل