واشنگٽن: آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ اعلان ڪيو آهي ته ايران سان هلندڙ سفارتي ڳالهيون “وڏي اڳڀرائي” ڏانهن وڌي رهيون آهن، جنهن بعد آبنائي هرمز ۾ جهازن جي حفاظت لاءِ شروع ڪيل “پراجيڪٽ فريڊم” کي عارضي طور روڪڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
صدر ٽرمپ پنهنجي بيان ۾ چيو ته ايران سان ممڪن معاهدي طرف اڳڀرائي ۽ پاڪستان سميت ٻين ملڪن جي درخواستن کي نظر ۾ رکندي اهو قدم کنيو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته علائقي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ سفارتي ڪوششن کي اوليت ڏني پئي وڃي.
ياد رهي ته “پراجيڪٽ فريڊم” جو مقصد اسٽريٽ آف هرمز ۾ ڦاٿل يا خطري هيٺ آيل واپاري جهازن کي محفوظ رستو فراهم ڪرڻ هو، جتي گذريل مهينن دوران ڇڪتاڻ سبب سامونڊي واپار متاثر ٿيو هو.
ٻئي طرف، عالمي مارڪيٽن ۾ هن اڳڀرائي جا فوري اثر ڏسڻ ۾ آيا آهن۔ ڪاروبار جي شروعات تي برينٽ خام تيل جي قيمت 1.7 سيڪڙو گهٽجي 108 ڊالر في بيرل ٿي وئي، جڏهن ته آمريڪي خام تيل جي قيمت 1.6 سيڪڙو گهٽتائي سان 100.60 ڊالر في بيرل تي اچي وئي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ معاهدو طئي ٿي وڃي ٿو ته نه رڳو علائقائي ڇڪتاڻ گهٽبي، پر عالمي توانائي مارڪيٽ ۾ به استحڪام اچي سگهي ٿو، جنهن سان تيل جي قيمتن ۾ وڌيڪ لاٿ جو امڪان آهي.