واشنگٽن: آمريڪي پرڏيھي وزير مارڪو روبيو چيو آھي تھ ايران کي آبناءِ ھرمز تي ڪنٽرول جي اجازت نٿي ڏئي سگھجي، آمريڪا آبناءِ ھرمز ۾ تجارتي جھازن جي حفاظت لاءِ مقرريون ڪري رھيو آھي.
پريس ڪانفرنس ڪندي آمريڪي پرڏيھي وزير مارڪو روبيو چيو تھ پراجيڪٽ فريڊم ماڻھن کي بچائڻ لاءِ آھي، ڪنھن تي حملو نھ ڪيو، اسان تي گولي ھلائي وئي تھ جواب ڏينداسين.
ھن چيو تھ آمريڪي 7 ايرامي فاسٽ بوٽس کي تباھھ ڪري ڇڏيو، جاري ويڙھھ سبب آبناءِ ھرمز ۾ 10 سويلين سيلر مارجي ويا، آمريڪي فوج لاءِ خطرو بڻجندڙ ڊرون ۽ بوٽس کي نشانو بڻائيندا رھنداسين.
آمريڪي پرڏيھي وزير چيو تھ ايران آبناءِ ھرمز ۾ مجرماڻھ قدم کڻي رھيو آھي، آبناءِ ھرمز عالمي گذرگاھ آھي، ان کي ڪو بھ ڪنٽرول نٿو ڪري سگھي، ايران کي حقيقت تسليم ڪري ڳالھين جي ميز تي اچڻ گھرجي.
مارڪو روبيو جو وڌيڪ چوڻ ھو تھ جيرڊ ڪشنر ۽ سٽيو وٽڪوف ڳالھين تي ڪم ڪري رھيا آھن، آمريڪي ناڪابندي سان ايران کي روزانو 500 ملين ڊالر جو نقصان ٿي رھيو آھي.