بيجنگ: (انٽرنيشنل ڊيسڪ)
چين ۽ ايران وچ ۾ سفارتي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ اعليٰ سطح ڳالهيون ٿيون آهن، جن ۾ ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
چيني سرڪاري خبر رساں اداري Xinhua News Agency موجب، چيني پرڏيهي وزير وانگ يي اربع ڏينهن بيجنگ ۾ پنهنجي ايراني هم منصب عباس عراقچي سان ملاقات ڪئي۔ ملاقات بابت تفصيلي ڄاڻ جاري نه ڪئي وئي آهي.
ان کان اڳ ايراني خبر رساں اداري فارس نيوز ايجنسي رپورٽ ڏني هئي ته عباس عراقچي پنهنجي دوري دوران وانگ يي سان ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي صورتحال ۽ عالمي اڳڀرائي تي ڳالهيون ڪندا.
سفارتي ذريعن موجب، هن ملاقات کي علائقي ۾ وڌندڙ جيوپولٽيڪل تبديلين جي تناظر ۾ اهم قرار ڏنو پيو وڃي، جتي چين ۽ ايران وچ ۾ اقتصادي، سياسي ۽ اسٽريٽجڪ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ تي زور ڏنو پيو وڃي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته چين ۽ ايران جي ويجهڙائي عالمي سياست ۾ نون اتحادَن کي جنم ڏئي سگهي ٿي، خاص طور تي جڏهن وچ اوڀر ۽ ايشيا ۾ طاقت جي توازن ۾ تيزي سان تبديليون اچي رهيون آهن.