واشنگٽن: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو تھ ايران سان جنگ جي حمايت نٿو ڪريان، مونکي جنگيون پسند ناھن.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو تھ ايران کي اھڙن مسئلن کي منھن ڏيڻو پوندو جن جو ڪو تصور نٿو ڪري سگھي، اسان ايران جي فوجي طاقت کي تباھ ڪري ڇڏيو، ايران جا 159 جھاز سمنڊ ۾ غرق ڪري ڇڏيا.
صدر ٽرمپ چيو تھ ايران کي جوھري ھٿيار حاصل ڪرڻ جي اجازت نھ ڏينداسين، جنگ ختم ٿيڻ کانپوءِ تيل جون قيمتون ھيٺ اينديون، چين جو دورو تمام اھم ھوندو، چيني صدر سان ملاقات جو منتظر آھيان.
ان کان اڳ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو تھ جيڪڏھن ايران پروجيڪٽ فريڊم تحت ڪم ڪندڙ آمريڪي جھازن تي حملو ڪيو تھ ان کي ھستي تان مٽايو ويندو.
آمريڪي ٽي وي سان ڳالھائيندي ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ ھو تھ سندس خيال ۾ ايران امن ڳالھين ۾ ڪافي حد تائين لچڪدار ٿي ويو آھي، خطي ۾ آمريڪي فوجي تيارين ۾ مسلسل اضافو ڪيو پيو وڃي، اسان وٽ پھريان کان وڌيڪ اعليٰ معيار جا ھٿيار ۽ گولا بارود آھي.
آمريڪي صدر جو وڌيڪ چوڻ ھو تھ سڄي دنيا ۾ اسان جا اڏا آھن، ۽ اھي سڀ سامان سان ڀريل آھن، اسان ان سامان کي استعمال ڪري سگھون ٿا، ۽ جيڪڏھن ضرورت پئي تھ ڪنداسين.