رياض: سعودي عرب خطي جي موجودھ صورتحال ۾ ڌرين سان صبر جي اپيل ڪندي پاڪستان جي ثالثي جي حمايت جو اعلان ڪيو آھي.
سعودي پرڏيھي وزارت طرفان جاري بيان ۾ خطي ۾ جاري موجودھ فوجي ڇڪتاڻ تي ڳڻتي جو اظھار ڪيو ويو آھي.
سعودي پرڏيھي وزارت ڏنو ڏنو آھي تھ ڇڪتاڻ ۾ گھٽتائي آندي وڃي، وڌيڪ اشتعال انگيزي کان پاسو ڪيو وڃي، صبر ۽ برد باري جو مظاھرو ڪيو وڃي.
سعودي پرڏيھي وزارت طرفان جاري بيان ۾ پاڪستان جي ثالثي ۽ سفارتي ڪوششن جي حمايت ڪئي وئي آھي تھ جيئن ھڪ اھڙو سياسي حل ڪڍي سگھجي جيڪو خطي کي وڌيڪ دٻاءُ طرف وڃڻ کان روڪي.
سعودي پرڏيھي وزارت جو چوڻ آھي تھ خطي ۾ وڌيڪ دٻاءَ سان سلامتي ۽ استحڪام کي نقصان پھچندو آھي ۽ اھو نھ صرف خطي پر دنيا جي مفاد ۾ بھ ناھي.
ان کان علاوھ سعودي عرب ھرمز ۾ جھاز راني بحال ڪرڻ جي اھميت تي بھ زور ڏنو.
ان کان اڳ سعودي ولي عھد محمد بن سلمان متحدھ عرب امارات جي صدر محمد بن زايد النھيان سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ يو اي اِي کي نشانو بڻائيندڙ بنا جواز ايراني حملن جي شديد مذمت ڪئي.