اسلام آباد: آءِ ايم ايف پاڪستان کان خودمختيار ويلٿ فنڊ کي مڪمل طور تي فعال بڻائڻ ۽ قانون ۾ پارلياماني منظوري مطابق ترميم لاءِ 6 سخت شرطون لاڳو ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آھي.
انھن شرطن تحت خودمختيار ويلٿ فنڊ کي ڪنھن بھ صورت ۾ قرض وٺڻ يا اوڌر حاصل ڪرڻ، سرڪاري يا خانگي ادارن کي قرضن ڏيڻ، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ منصوبن ۾ شرڪت ڪرڻ، ڪنھن بھ نوعيت جي مالياتي اثاثا يا اوزار حاصل ڪرڻ، يا مرڪزي بئنڪ يا سرڪاري ادارن کان ڪنھن قسم جي مالي معاونت حاصل ڪرڻ جي اجازت نھ ھوندي.
اھڙي طرح ھن فنڊ کي مالياتي اثاثا حاصل ڪرڻ ۽ مالياتي ادارن يا سرڪاري ملڪيتي ادارن مان ڪنھن قسم جي سيڙپڪاري يا معاونت وٺن کان روڪڻ جو بھ مطالبو ڪيو ويو آھي. انھن ترميمن کي 27-2026 جي بجيٽ جي منظوري بعد اسٽرڪچرل بئنچ مارڪ جي طور تي قانون جو حصو بڻايو ويندو.
حڪومت سرڪاري ملڪيتي ادارن جي قانونن ۾ 6 ترميمون پارليامينٽ کي منظوري لاءِ موڪلي ڇڏيون آھن تھ جيئن انھن کي اسٽيٽ آپريٽڊ انٽرپرائزز (ايس او ايز) ايڪٽ جي شقن مطابق مڪمل طور تي ھم آھنگ ڪري سگھجي.