آمريڪي بحريھ آبناءِ ھرمز جي ويجھو بھ نھ وڃي: ايراني فوج

فہرستِ مضامین

ايراني فوج جي ترجمان جو چوڻ آھي تھ تمام تجارتي بحري جھاز ۽ آئل ٽينڪرز آبناءِ ھرمز ۾ اسان سان رابطي کانسواءِ چرپر نھ ڪن، آمريڪي بحريھ آبناءِ ھرمز ويجھو بھ نھ وڃن.

پرڏيھي نيوز اداري مطابق ايراني فوج طرفان چيو ويو آھي تھ آبناءِ ھرمز جي سلامتي کي مڪمل طور تي سنڀالي رھيا آھيون.

ايراني فوج جي ترجمان جو چوڻ آھي تھ آبناءِ ھرمز ۾ نيوي گيشن ايراني ھٿياربند فوج سان رابطي ۾ رھي ڪئي ويندي.

ترجمان جو چوڻ آھي تھ ايران جي ڪنھن بھ حصي ۾ ڪنھن بھ سطح جي خطري جو سختي سان جواب ڏينداسين.

ايراني فوج جو چيو آھي تھ آمريڪي جارحانھ قدم موجودھ صورتحال کي وچڙندڙن بڻائيندا ۽ خليج ۾ جھازن جي سلامتي کي خطري ۾ وجھندا.

واضح رھي تھ آمريڪي صدر ٽرمپ اڄ کان آبناءِ ھرمز ۾ ڦاٿل جھازن کي ڪڍڻ جو اعلان ڪندي چيو آھي تھ آمريڪا “پروجيڪٽ فريڊم” جو آغاز وچ اوڀر جي وقت مطابق اڄ صبح کان ڪندو.

ھن چيو تھ ايران سان تمام مثبت ڳالھھ ٻولھھ ڪري رھيا آھيون، غير جانبدار ملڪن جي جھازن کي ھرمز تان محفوظ رستو فراھم ڪنداسين.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں