ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ آءِ پي ايل ۾ گرلل فرينڊز ڪلچر سبب پريشان ٿي ويو.
ڀارتي ميڊيا مطابق ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ رانديگرن جي دوستن جي ليگ ۾ چرپر محدود ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، رانديگرن جي دوستن سبب بورڊ ۽ ليگ جي ساک متاثر ٿي رھي آھي.
ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ڊسپلن تي ڪو سمجھوتو نھ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آھي، آءِ پي ايل دوران پبلڪ ۾ رانديگرن جي دوستن جي حد کان وڌيڪ چرپر سان ڀارتي بورڊ خوش ناھي.
ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آھي تھ ھارديڪ پانڊيا، يشسوي جيسوال، ايشن ڪشن ۽ ارشديپ سنگھھ پنھنجي دوستن سان گھمندا آھن، رانديگرن جون پارٽنرز ٽيم جي بس ۾ سفر ڪن ۽ ٽيم جي ھوٽل ۾ رھن ٿيون.
گرل فرينڊ ڪلچر کي روڪڻ لاءِ ڀارتي بورڊ قانون ٺاھڻ جو آغاز ڪري ڇڏيو آھي، ڀارتي بورڊ کي خدشو آھي تھ اھو ڪٿي وڏو اشو نھ بڻجي وڃي، ڪجھھ پارٽنرز سوشل ميڊيا انفلوئنسرز آھن جن جوئا جي ايپس جي پروموشن بھ ڪئي آھي.
ان حوالي سان ڀارتي بورڊ جي آفيشل جو چوڻ آھي تھ ماضي ۾ پارٽنرز ۽ رانديگرن جا معاملا پوليس شڪايتن تائين پھچي چڪا ھئا، ھاڻ ان ڪلچر کي نھ روڪيو ويو تھ وڏا مسئلا پيدا ٿي سگھن ٿا، ٽيم جي بسن جي اچ وڃ پارٽنرز سبب دير جو شڪار ٿي آھي.
بورڊ آفيشل چيو آھي تھ آفيشل پارٽنرز جو ڀارتي بورڊ ۾ ڪو قانون ناھي، اينٽي ڪرپشن يونٽ کي ٻڌايو ويو آھي، ڀارتي بورڊ جي ايندڙ اجلاس ۾ نوان قانون سامھون آندا ويندا، اھي قانون ليگ کان علاوھ ڀارتي ٽيم تي بھ لاڳو ٿيندا.