اسلام آباد : (بيورو چيف)
حڪومت حج 2026 بابت اهم عمر پابندي وارو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي ,جنهن موجب 15 سالن کان گهٽ عمر وارن جا حج ويزا رد ڪيا ويا آهن ۽ اهڙن ننڍي ڄمار وارن حاجين کي حج لاءِ سفر جي اجازت به نه هوندي.
سعودي عرب جي نئين هدايتن موجب حج لاءِ عمر جي حد تي سختي ڪئي وئي آهي، جنهن کان پوءِ ننڍي عمر وارن عازمين جي داخلا ۽ سفر تي مڪمل پابندي لاڳو ٿي وئي آهي.
سفر بابت نوان ضابطا:
حڪومت پاران هوائي جهازن جي عملدارن کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن تھ15 سالن کان گهٽ عمر وارن عازمين کي جهاز ۾ سوار ٿيڻ نه ڏنو وڃي اهڙن عازمين جي حج پروازن ۾ سفر تي مڪمل پابندي هوندي.3 مئي 2026 کان نوان ضابطا فوري طور لاڳو ڪيا ويا آهن.
ويزا منسوخي جو فيصلو:
حج انتظامي اختيارين موجب15 سالن کان گهٽ عمر وارن سڀني عازمين جا ويزا منسوخ ڪيا ويا آهن جيڪي عازمين 27 مئي 2026 تائين 15 سال پورا ڪن ٿا، اهي به هاڻ سفر نٿا ڪري سگهن فيصلي جو مقصد نئين عمر پاليسي تي مڪمل عملدرآمد آهي.
سعودي اختيارين طرفان اعلان ڪيو ويو آهي ته متاثر ٿيل حاجين کي مڪمل رقم واپس ڪئي ويندي ڪنهن به مالي نقصان کان بچائڻ لاءِ لاڳاپيل قدمن تي ڪم جاري آهيل
حج انتظاميه طرفان:
سڀني ايئرپورٽن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته عمر جي پابندي تي سختي سان عمل ڪيو وڃي ڪنهن به گهٽ عمر حاجي کي اڏام ۾ سوار نه ڪيو وڃي فيصلي تي فوري طور عملدرآمد لازمي قرار ڏنو ويو آهي.
حج 2026 لاءِ هي نئون فيصلو هزارين خاندانن تي اثرانداز ٿي سگهي ٿو، خاص طور تي انهن لاءِ جيڪي پنهنجي ننڍي عمر وارن ٻارن سان حج جي تياري ڪري رهيا هئا۔ هاڻي سڀني حاجين کي نئين عمر پاليسي مطابق پنهنجا سفر جا انتظام ٻيهر ترتيب ڏيڻا پوندا.