رويت ھلال ريسرچ ڪائونسل طرفان پاڪستان ۾ عيدالاضحيٰ 27 مئي اربع ڏينھن ٿيڻ جو امڪان ظاھر ڪيو آھي.
رويت ھلال ريسرچ ڪائونسل جي سيڪريٽري جنرل خالد اعجاز مفتي مطابق سائنسي انگن اکرن موجب پاڪستان ۾ اربع 27 مئي تي عيدالاضحيٰ ملھائڻ جو امڪان آھي.
ڪائونسل مطابق پاڪستان ۾ نئين چنڊ جي پيدائش 16 ۽ 17 مئي جي وچ واري رات پاڪستاني وقت مطابق ھڪ لڳي 15 منٽ تي ٿيندي.
خالد اعجاز مفتي جو چوڻ ھو تھ 17 مئي جي شام سج لٿي وقت چنڊ جي عمر پاڪستان جي ڪيترن ئي علائقن ۾ 18 ڪلاڪن کان ڪجھھ وڌيڪ ھوندي جيڪا رويت ھلال لاءِ مناسب سمجھي وڃي ٿي.
جيڪڏھن 17 مئي جي شام سڄي ملڪ ۾ بادل ٿيا ۽ چنڊ نظر نھ اچي سگھيو تھ ذي القعدھ جا 30 ڏينھن مڪمل ڪيا ويندا ۽ پوءِ پھرين ذي الحج 19 مئي (اڱاري ڏينھن) تي ٿيندي.
توقع آھي تھ ھن ڀيري پاڪستان ۽ سعودي عرب ۾ عيدالاضحيٰ ھڪ ئي ڏينھن يعني 27 مئي تي ملھائي وڃي.