واشنگٽن: ايران سان جنگ وڙھڻي آھي يا نھ؟ صدر ٽرمپ جو اختيار ختم ٿي ويو ۽ ھاڻ جنگ جي حوالي سان آمريڪي ڪانگريس اڄ فيصلو ڪندي.
قانون تحت آمريڪي صدر 60 ڏينھن ۾ جنگ جي ايوان کان اجازت وٺڻ جو پابند آھي. 60 ڏينھن جي ڊيڊ لائن اڄ ختم ٿي وئي جڏھن تھ وائٽ ھائوس جي دعويٰ آھي تھ عارضي جنگبندي جو مدو نھ رکڻ جو مطلب ئي اھو آھي تھ جنگ ختم ٿي چڪي آھي.
آمريڪي صدر ٽرمپ آمريڪي ڪانگريس کي ھڪ خط لکي دعويٰ ڪئي آھي تھ ايران سان جاري ھٿياربند ڇڪتاڻ ھاڻ ختم ٿي چڪي آھي.
صدر ٽرمپ اھو خط ڪانگريس جي اسپيڪر مائيڪ جونسن ۽ سينيٽ جي صدر چڪ گراسلي جي نالي موڪليو، جنھن ۾ ھن موقف اختيار ڪيو تھ 28 فيبروري کان شروع ٿيندڙ ڇڪتاڻ جو مرحلو ھاڻ اختتام تي پھچي ويو آھي.
خط ۾ ٽرمپ لکيو تھ سندس حڪومت خطي ۾ پائيدار امن جي قيام لاءِ ڪوششون وٺي رھي آھي، پر ان جي باوجود جنگ جاري رھڻ جو امڪان بھ موجود آھي. ھن اھو بھ تسليم ڪيو تھ ايران سان تڪرار مڪمل طور تي حل ناھي ٿيو ۽ صورتحال اڃا بھ غير يقيني آھي.
ٽرمپ انتظاميھ چيو آھي تھ 7 اپريل تي ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ٻن ھفتي جي جنگبندي کي بعد ۾ لامحدود مدي لاءِ وڌايو ويو. 7 اپريل کان بعد ڪو بھ فائر نھ ٿيو.
آمريڪي عھديدار جو چوڻ آھي تھ آمريڪا ايران جنگ ختم ٿي وئي، جنگبندي بعد ٻنھي ملڪن ۾ ڪا بھ جھڙپ ناھي ٿي، وار پاورز ايڪٽ جي حوالي سان 28 فيبروري تي شروع ٿيندڙ لڙائي ھاڻ ختم ٿي چڪي آھي، ان لاءِ آمريڪي صدر کي ڪانگريس جي منظوري جي ضرورت ناھي.
ٻئي طرف آمريڪي وزير جنگ پيٽ ھيگسٿ چيو آھي تھ ايران سان جنگ ڪڏھن ختم ٿيندي؟ ۽ ڪڏھن ڪانگريس کان منظوري وٺڻ ضروري ھوندي؟ اھو فيصلو وائٽ ھائوس ڪندو.
وزير جنگ پيٽ ھيگسٿ چيو تھ 60 ڏينھن جي پابندي واري گھڙي رڪجي چڪي، ھاڻ ڪانگريس کان اجازت جي صرورت ناھي رھي.
ھوڏانھن آمريڪي سينيٽ ۾ ايران جنگ تي صدر ٽرمپ جا اختيار محدود ڪرڻ واري ڊيموڪريٽس جي ڇھين ڪوشش بھ ناڪام ٿي وئي آھي.
ڪيليفورنيا مان ڊيموڪريٽ سينيٽر ايڊم شف جي قرارداد 47 جي مقابلي ۾ 50 ووٽن سان رد ٿي وئي ، قرارداد جو مقصد صدر کي ايران جنگ بعد آمريڪي فوج کي واپس گھرائڻ جي ھدايت ڏيڻ ھو.