آمريڪا وچ اوڀر جي اتحادين کي ھٿيار ۽ فوجي اوزارت وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
آمريڪا قطر، ڪويت، متحدھ عرب امارات ۽ اسرائيل کي وڌيڪ ھٿيار ۽ فوجي اوزارت وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏني آھي، انھن ھٿيارن جي ماليت 8 ارب 60 ڪروڙ ڊالر ٺھي ٿي.
آمريڪي پرڏيھي معاملن واري کاتي ڪويت کي اڍائي ارب ڊالر جو بيٽل ڪمانڊ سسٽم ۽ لاڳاپيل اوزار وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏني آھي، اسرائيل کي بھ 99 ڪروڙ 24 لک ڊالر ماليت جي ايڊوانسڊ پريسيزن ڪِل ويپن سسٽم جي وڪري جي منظوري ڏني وئي آھي.
آمريڪي پرڏيھي معاملن واري کاتي قطر کي 4 ارب ھڪ ڪروڙ ڊالر جا پيٽرياٽ ميزائل جڏھن تھ متحدھ عرب امارات کي 14 ڪروڙ 76 لک ڊالر جا ايڊوانسڊ پريسيزن ڪِل ويپن وڪرو ڪرڻ جي بھ منظوري ڏئي ڇڏي.