لائیو سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آھيون پر آمريڪا کي ڌمڪي وارو لھجو تبديل ڪرڻو پوندو: ايران

فہرستِ مضامین

ايراني پرڏيھي وزير عباس عراقچي چيو آھي تھ سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آھيون پر آمريڪا کي ڌمڪي وارو لھجو بدلڻو پوندو.

ايران جي پرڏيھي وزير عباس عراقچي سعودي عرب، ترڪي، مصر، عراق ۽ آذر بائيجان جي پرڏيھي وزيرن سان ٽيليفون تي رابطا ڪيا ۽ انھن کي آمريڪا ۽ اسرائيل سان جنگ جي خاتمي لاءِ ايران جي قدمن کان آگاھھ ڪيو.

عباس عراقچي جو چوڻ ھو تھ ايران سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آھيون پر شرط اھو آھي تھ آمريڪا کي ڌمڪي وارو لجھو ۽ رويو تبديل ڪرڻو پوندو.

ايراني پرڏيھي وزارت جو چوڻ آھي تھ آمريڪا سان ڳالھين ۾ پاڪستان ئي باضابطھ ثالث آھي، ڳالھين جو فيصلو ٿيو تھ باضابطھ طور تي ٻڌايو ويندو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں