وزيراعظم ھائوسنگ فنانس اسڪيم ۾ آئيني خامي، قانوني مونجھاري کي منھن ڏيڻو پئجي سگھي ٿو

فہرستِ مضامین

اسلام آباد: حڪومت طرفان تازو ئي اعلانيل 3.2 رپين جي ھائوسنگ فنانس اسڪيم ۾ ھڪ سنگين آئيني خامي موجود آھي ڇو تھ ان اسڪيم ۾ وياج تي قرض ڏيڻ جي ڳالھھ ڪئي وئي آھي جڏھن تھ پاڪستان جي مالي نظام مان وياج جي خاتمي لاءِ پھرين جنوري 2028 جي لازمي آئيني ڊيڊ لائن موجود آھي.

سرڪاري ذريعن جو چوڻ آھي تھ ان اسڪيم بناوٽ ۽ مدي کي آئيني گھرن جي نقطھءِ نظر سان ڏٺو وڃي تھ اھو تضاد واضح ٿي وڃي ٿو. حڪومت پنج سالھ فنانسنگ منصوبي جو اعلان ڪيو آھي، جنھن تحت پھرين سال ۾ 50 ھزار گھرن لاءِ 321 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آھن، جڏھن تھ مجموعي لاڳت پنج سالن ۾ 3.2 کرب رپيا ھوندي.

ان جو مطلب اھو آھي تھ وياج تي ٻڌل نئون قرض 2028 کان پوءِ بھ جاري رھندو، جيڪو وياج جي خاتمي لاءِ مقرر آئيني ڊيڊ لائن جي سڌي ريت ابتڙ آھي. وڌيڪ اھو تھ ان اسڪيم تحت ھر قرض جي ادائيگي جو مدو 20 سال مقرر آھي. ان جو مطلب آھي تھ 2028 جي و يجھو يا ان کان بعد جاري ٿيندڙ قرض بھ ڏھاڪن تائين وياج تي ٻڌل ادائيگين سان ڳنڍيل رھندا. اھا اسڪيم عملي طور وياج واري قرض کي مقرر مدي کان اڳتي تائين جاري رکي ٿي جنھن سان آئين ۽ ان جي روح ٻنھي سان ھم آھنگي تي سنجيدھ سوال اٿن ٿا.

اھو مسئلو اسڪيم جي ڍانچي سبب وڌيڪ منجھائيندڙ ٿي ويندو آھي، جنھن تحت پھرين 10 سالن لاءِ 5 سيڪڙو مقرر مارڪ اپ رکيو ويو آھي جنھن کان پوءِ مارڪيٽ جي بنياد تي شرح لاڳو ھوندي، ان سان نھ صرف وياج واري بئنڪاري جو تسلسل برقرار رھي ٿو پر ان جو دائرو بھ وسيع ٿئي ٿو، جڏھن تھ رياست آئيني طور تي ان کي ختم ڪرڻ جي پابند آھي.

وزيراعظم شھباز شريف خميس ڏينھن “اپنا گھر پروگرام” جو افتتاح ڪيو، جيڪو پنج سالھ منصوبو آھي جنھن تحت سڄي ملڪ ۾ پنج لک گھرن جي فنانس ڪئي ويندي، ان اسڪيم تحت ھڪ ڪروڙ رپين تائين جا قرض فراھم ڪيا ويندا، جيڪي 20 سالن ۾ قابل ادا ھوندا، ھي پروگرام گھٽ آمدني وارن ماڻھن کي 10 مرلي تائين جي پلاٽس تي گھر تعمير ڪرڻ ۾ مدد ڏيڻ سان گڏ تعميراتي شعبي ۾ معاشي سرگرمي تيز ڪرڻ ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ جوڙيو ويو آھي.

افتتاحي تقريب ۾ اسحاق ڊار، بئنڪارن ۽ صنعت سان لاڳاپيل نمائندن سميت اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں