لائیو فيفا جي تصديق بعد ايران آمريڪا ۾ ورلڊ ڪپ کيڏي سگھي ٿو: ٽرمپ

فہرستِ مضامین

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آھي تھ ايران کي فيفا ورلڊ ڪپ 2026ع ۾ شرڪت جي اجازت ھوندي پر شرط اھو آھي تھ فيفا ان جي تصديق ڪري.

فيفا جي صدر جياني انفانٽينو طرفان ايران جي شرڪت جي تصديق بعد ٽرمپ بھ ان تي رضامندي ظاھر ڪري ڇڏي آھي، جڏھن تھ ايران بھ آمريڪا ۾ ٿيندڙ فيفا ورلڊ ڪپ 2026 ۾ شرڪت جي تصديق ڪري ڇڏي آھي.

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ صحافين سان ڳالھائيندي چيو تھ ان ۾ ڪو مسئلو ناھي، ايران کي فٽبال ورلڊ ڪپ ۾ کيڏڻ ڏنو وڃي، جيڪو جون ۽ جولاءِ ۾ شمالي آمريڪا ۾ منعقد ٿيندو.

اھو بيان ان وقت سامھون آيو جڏھن خميس جي ڏينھن فيفا جي صدر جياني انفانٽينو چيو تھ ايران ٽورنامينٽ ۾ شريڪ ٿيندو ۽ پنھنجا ميچز آمريڪا ۾ کيڏندو.

اوول آفيس ۾ صحافين سان ڳالھائيندي ٽرمپ چيو تھ جيڪڏھن جياني چيو آھي تھ مان بھ ان سان متفق آھيان ان کي کيڏڻ ڏيو.

ان کان اڳ جياني انفانٽينو وينڪوور ۾ منعقد فيفا جي 76ھين ڪانگريس کي خطاب ڪندي واضح ڪيو ھو تھ ايران طئي ٿيل شيڊيول مطابق ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت ڪندو ۽ آمريڪا ۾ پنھنجا ميچز کيڏندو.

ڪينيڊا، ميڪسيڪو ۽ آمريڪا ۾ ٿيندڙ ھن سال جي ورلڊ ڪپ ۾ ايران جي شرڪت فيبروري ۾ ايران جي خلاف آمريڪا ۽ اسرائيل جي جنگ جي آغاز بعد غير يقيني صورتحال جو شڪار رھي آھي.

ميڊيا رپورٽس مطابق ايران جي ٽيم جو قيام ورلڊ ڪپ دوران ايريزونا جي شھر ٽڪسن ۾ ھوندو. گروپ جي ۾ ايران، نيوزي لينڊ، بيلجيئم ۽ مصر جون ٽيمون شامل آھن.

ايران پنھنجي مھم جو آغاز 15 جون تي لاس اينجلس ۾ نيوزي لينڊ جي خلاف ميچ سان ڪندو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں