واشنگٽن / نيويارڪ:
بدنام زمانه آمريڪي مالدار ۽ ڏوهاري جيفري ايپسٽين جي موت بابت سامهون آيل نئين رپورٽ اهم سوال اٿاري ڇڏيا آهن۔ رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته سندس مبينا خودڪشي وارو خط عدالت وٽ موجود آهي، پر اڃا تائين ان کي عوام آڏو ظاهر ناهي ڪيو ويو.
آمريڪي اخبار نيويارڪ ٽائيم موجب، ايپسٽين جي اڳوڻي ساٿي قيدي نڪولس چيو آهي ته هن کي هڪ تصويري ڪهاڻي ڪتاب اندر هڪ خط مليو هو، جنهن ۾ لکيل هو: “توهان مون کان ڇا ڪرائڻ چاهيو ٿا؟ ڇا مون کي رلائڻ چاهيو ٿا؟ هاڻي الوداع چوڻ جو وقت آهي.”
رپورٽ موجب، اهو خط ايپسٽين جي موت کان پوءِ مليو، جڏهن هو نيويارڪ جي وفاقي جيل ۾ پنهنجي ڪوٺڙي اندر مرده حالت ۾ مليو هو۔ ان کان اڳ هن خودڪشي جي ڪوشش بابت الزامن کي رد ڪندي چيو هو ته سندس ڳچيءَ تي نشان ساٿي قيدي جي حملي سبب هئا.
بعد ۾ کيس الڳ ڪوٺڙي ۾ منتقل ڪيو ويو، جتي هو فوت ٿيل مليو۔ رپورٽ موجب، نڪولس اهو خط پنهنجي وڪيل حوالي ڪيو، جنهن ان کي عدالت ۾ جمع ڪرايو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اهو خط اڃا تائين عدالت وٽ موجود آهي ۽ ان کي ظاهر ڪرڻ لاءِ درخواست پڻ ڏني وئي آهي، پر اهو اڃا تائين سرڪاري جاچ يا جاري ڪيل دستاويزن جو حصو ناهي بڻيو.
واضح رهي ته ايپسٽين جي موت کي سرڪاري طور خودڪشي قرار ڏنو ويو هو، پر هن واقعي بابت شڪ شبها ۽ بحث اڄ تائين جاري آهن۔ مٿس گهٽ عمر ڇوڪرين جي اسمگلنگ ۽ جنسي زيادتي جا سنگين الزام هئا، جڏهن ته سندس ساٿي هن وقت قيد جي سزا ڪاٽي رهيا آهن.
ان ڪيس سان لاڳاپيل فائلن جي جزوي ظاهر ٿيڻ تي اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميه تي به تنقيد ڪئي وئي، جڏهن ته مڪمل سچ سامهون آڻڻ جا مطالبا اڃا تائين جاري آهن.