اسلام آباد: صدر مملڪت ۽ وزيراعظم ڪاروباري برادري ۽ صنعتڪارن سميت لاڳاپيل ڌرين کي اپيل ڪئي آھي تھ اھي ملڪ جي مزدورن جي وقار ۽ تحفظ کي يقيني بڻائين.
مزدورن جي عالمي ڏينھن جي موقعي تي پنھنجي پيغام ۾ صدر مملڪت آصف علي زرداري جو چوڻ آھي تھ جيڪا قوم پنھنجي مزدورن جو تحفظ ڪندي آھي اھا پنھنجي مستقبل جو تحفظ ڪندي آھي، مزدورن کي بااختيار بڻائڻ پائيدار قومي طاقت جي بنياد آھي.
ھن چيو تھ پاڪستان بين الاقوامي معيارن کي برقرار رکڻ ۽ ڪم واري جاءِ تي بنيادي حقن کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ پرعزم آھي، جنھن ۾ منصفاڻي اجرت، سماجي تحفظ، جبري ۽ معصوم ٻارڙن کان پورھئي جو خاتمو ۽ امتيازي سلوڪ جو خاتمو شامل آھي.
ٻئي طرف مزدورن جي عالمي ڏينھن جي موقعي تي وزيراعظم شھباز شريف پنھنجي پيغام ۾ چيو تھ سڄي دنيا خاص طور تي پاڪستان جي مزدورن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو.
ھن چيو تھ مزدور طبقن جي قرباني زندگي کي روان رکندي آھي، معاشري جا اھي ئي جفاڪش سڀ کان وڏي اعزاز جا مستحق آھن، مزدور ۽ ھنرمند ماڻھو ڏيھھ توڙي پرڏيھھ ۾ اسان جي قابليت، محنت ۽ پيشوراڻي مھارت جو آئينو آھن.
ھن چيو تھ سمنڊ پار اسان جا لکين مزدور قومي صلاحيت ۽ ملڪي بنياد جا سفير آھن، انھن جي قابليت ۽ محنت سان ڪمايل ھڪ ھڪ پئسو اسان جي لاءِ فخر جوڳو آھي.
وزيراعظم وڌيڪ چيو تھ سمنڊ پار پاڪستاني ملڪي معاشي استحڪام ۾ پنھنجو حصو وجھندا آھن.