اماراتي شھرين تي ايران، لبنان ۽ عراق لاءِ سفري پابندين جو اعلان

فہرستِ مضامین

ابوظھبي: متحدھ عرب امارات ايران، لبنان ۽ عراقي جي لاءِ پنھنجي شھرين جي سفر تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آھي ۽ انھن ملڪن ۾ رھندڙ يا سفر ھيٺ اماراتي شھرين کي فوري طور تي وطن واپس اچڻ جي ھدايت جاري ڪئي آھي.

متحدھ عرب امارات جي پرڏيھي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان مابق اھو فيصلو خطي ۾ جاري سيڪيورٽي صورتحال ۽ تازي علائقائي اڳڀرائي کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آھي، عملدارن شھرين تي زور ڀريو تھ اھي ھدايتن تي سختي سان عمل ڪن ۽ پنھنجي حفاظت کي ترجيح ڏين.

بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آھي تھ ايران، لبنان ۽ عراق ۾ موجود اماراتي شھري جلد کان جلد انھن ملڪن کي ڇڏي ڏين ۽ ڪنھن بھ ھنگامي صورتحال ۾ پرڏيھي وزارت سان رابطو ڪن.

عملدارن مطابق اھو قدم احتياطي تدبيرن طور تي کنيو ويو آھي تھ جيئن پرڏيھھ ۾ موجود شھرين جي سلامتي کي يقيني بڻائي سگھجي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں