آمريڪي صدر جو جنگبندي جي خاتمي ۽ ايران تي ٻيھر حملا شروع ڪرڻ جو اشارو
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جنگبندي جي خاتمي ۽ ايران تي ٻيھر حملن جو اشارو ڏئي ڇڏيو.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اوول آفيس ۾ صحافين سان ڳالھائيندي ممڪنھ طور تي جنگبندي جي خاتمي بابت سوال جي جواب ۾ چيو تھ مون کي نٿو لڳي تھ ان جي ضرورت آھي پر شايد پئجي بھ سگھي ٿي.
آمريڪي صدر ٽرمپ چيو تھ ايران جي خلاف فوجي آپريشن تمام اڳ شروع ڪري ڇڏڻ گھربو ھو، ھن دعويٰ ڪئي تھ آمريڪا ايران جون 90 سيڪڙو ميزائل فيڪٽريون تباھ ڪري ڇڏيون، ايران تي لڳايل پابنديون ڪامياب آھن، ايران جي معيشت تباھ ٿيندي پئي وڃي، ايران جوھري ھٿيار نٿو رکي سگھي ۽ ايران معاھدو ڪرڻ لاءِ بيتاب آھي.
صدر ٽرمپ چيو تھ ايراني قيادت جي حوالي سان غير يقيني صورتحال ھڪ وڏو مسئلو آھي ڇو تھ ڪنھن کي بھ پتو ناھي تھ اتي اصل ليڊر ڪير آھي.
آمريڪي صدر صحافين سان ڳالھائڻ دوران اھو بھ چيو تھ ايران کي فٽبال ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت جي اجازت ڏيڻ گھرجي.
آمريڪي صدر ھڪ ڀيرو ٻيھر پاڪستان جي وزيراعظم جو ذڪر ڪيو ۽ چيو تھ مان 8 جنگيون روڪرايون، پاڪستان ۽ ڀارت جي جنگ بھ ان ۾ شامل آھي.
صدر ٽرمپ چيو تھ پاڪستان ۽ ڀارت جي جنگ ۾ 11 طيارا ڪري چڪا ھئا، وزيراعظم پاڪستان مون کي چيو تھ مون 3 کان 5 ڪروڙ انسانن جون جانيون بچايون آھن.
آمريڪي صدر چيو تھ ايران جنگ ختم ٿيندي ئي تيل ۽ گيس جي قيمتون فوري طور تي گھٽ ٿي وينديون، ھن آبناءِ ھرمز بابت ڳالھائيندي چيو تھ اسان آبناءِ ھرمز استعمال نٿا ڪريون، اسان وٽ گھڻو تيل آھي.