دبئي ۾ ملڪيت ويزا قانونن ۾ نرمي ڪندي ملڪيت خريد ڪرڻ تي ٻن سالن جي رھائشي ويزا جي پيشڪش ڪئي وئي آھي.
دبئي ۾ ملڪيت ويزا قانونن ۾ نرمي ڪندي سيڙپڪارن لاءِ وڏي سھولت فراھم ڪئي پئي وڃي جنھن تحت دبئي ۾ ٻن سالن جي رھائشي ويزا لاءِ سنگل مالڪ تي قيمت جي شرط ختم ڪئي وئي آھي.
ان حوالي سان عملدارن جو چوڻ آھي تھ گڏيل ملڪيت تي بھ رھائشي ويزا ملندو، گڏيل پراپرٽي ۾ ھر سيڙپڪار جو حصو گھٽ ۾ گھٽ 4 لک درھم ھئڻ ضروري قرار ڏنو ويو آھي.
ان کان سواءِ دبئي جو ٻن سالن جو انويسٽر ويزا ھاڻ وڌيڪ آسان ۽ قابل رسائي ھوندو، 5 سالھ ريٽائرمينٽ ويزا لاءِ 10 لک درھم شرط برقرار آھي، ريٽائرمينٽ ويزا لاءِ عمر گھٽ ۾ گھٽ 55 سال مقرر ڪئي وئي آھي جڏھن تھ 10 سالھ گولڊن ويزا لاءِ 20 لک درھم سيڙپڪاري لازمي آھي.
گولڊن ويزا ۾ فيملي ۽ گھريلو ملازمن جي اسپانسر شپ جي سھولت موجود آھي، گولڊن ويزا ھولڊر لاءِ متحدھ عرب امارات کان ٻاھر رھڻ جي اجازت بھ ھوندي، نئين پاليسي سان دبئي ۾ سيڙپڪاري جا موقعا وڌيڪ وسيع ٿيندا.