لائیو نارمل پاسپورٽ جي ڊليوري جو مدو 14 ڏينھن، مڪمل ڪيش ليس سسٽم لاڳو ڪرڻ جي ھدايت

فہرستِ مضامین

اسلام آباد: وفاقي گادي واري شھر اسلام آباد ۾ گھرو وزير محسن نقوي ۽ وزير مملڪت طلال چوڌري جي صدارت ھيٺ اجلاس ۾ پاسپورٽ نظام کي بھتر بنائڻ ۽ شھرين کي سھولتون فراھم ڪرڻ لاءِ اھم فيصلا ڪيا ويا.

بريفنگ دوران ٻڌايو ويو تھ نارمل پاسپورٽ جي ڊليوري جو مدو 21 ڏينھن مان گھٽ ڪري 14 ڏينھن ڪيو ويو آھي، جنھن جو مقصد عوام کي تڪڙي سھولت فراھم ڪرڻ آھي.

گھرو وزير محسن نقوي پاسپورٽ آفيس ۾ مڪمل ڪيش ليس سسٽم لاڳو ڪرڻ جي ھدايت ڏيندي چيو تھ ايندڙ 15 ڏينھن جي اندر اھو نظام لاڳو ڪيو ويندو، جنھن سان ايجنٽ مافيا جو خاتمو ٿيندو ۽ شفافيت ۾ اضافو ٿيندو.

اجلاس ۾ بزنس پاسپورٽ جاري ڪرڻ واري نظام کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ ۽ پاسپورٽ جي گھرن تائين موثر ڊليوري جي نظام کي وڌيڪ بھتر بڻائڻ تي بھ زور ڏنو ويو.

ان موقعي تي گھرو وزير محسن نقوي پاسپورٽ نظام جي سڌارن لاءِ پاسپورٽ اٿارٽي جي قيام کي اڻٽر قرار ڏنو، جڏھن تھ لاڳاپيل عملدارن کي ان حوالي سان اڳڀرائي تيز ڪرڻ جي ھدايت بھ ڪئي وئي.

اجلاس ۾ وفاقي گھرو سيڪريٽري، ڊي جي پاسپورٽ اينڊ اميگريشن ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں