ماسڪو(انٽرنيشنل ڊيسڪ)
روس جي صدر ولاديمير پيوٽن ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وچ ۾ لڳ ڀڳ 90 منٽن تائين ٽيليفون تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن ۾ وچ اوڀر جي صورتحال ۽ يوڪرين جي جنگ تي تفصيلي ڳالھ ٻولھ ڪئي وئي.
سرڪاري بيان موجب پيوٽن ايران ۽ نارجي علائقي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪرڻ سان گڏ جنگبندي ۾ واڌ ڪرڻ واري فيصلي جي آجيان ڪئي آهي .
پيوٽن ايران سان جنگ بندي جي عارضي واڌ واري فيصلي کي مثبت قرار ڏنو ۽ چيو ته ان سان ڳالهين جو موقعو پيدا ٿيندو ۽ علائقي ۾ استحڪام آڻي سگهجي ٿو.
روس پڻ سفارتي ڪوششن ۾ مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو آهي.
ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ جاري يوڪرين جنگ تي به بحث ٿيو۔ روسي اختيارين موجب پيوٽن دعويٰ ڪئي ته روسي فوج ميدان جنگ ۾ برتري حاصل ڪري رهي آھي.
ان کان علاوه رپورٽن موجب پيوٽن 9 مئي تي يوڪرين سان عارضي جنگ بندي جي تجويز به ڏني، جنهن کي ٽرمپ حمايت ڏني آهي۔
روس هر سال 9 مئي تي ٻي عالمي جنگ ۾ نازي جرمني تي فتح جي ياد ۾ وڏي فوجي پريڊ ڪندو آهي، پر هن ڀيري سيڪيورٽي خدشن سبب تقريب محدود رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
تجزيه نگارن موجب ٻنهي اڳواڻن جي گفتگو اهڙي وقت ٿي آهي جڏهن ايران، وچ اوڀر ۽ يوڪرين جي جنگ سبب عالمي سياست انتهائي حساس مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي، ۽ وڏين طاقتن جي بيانن سان عالمي امن تي اثر پئجي سگهي ٿو.