لائیو ڇا ٽرمپ ذهني طور تي ڪمانڊر ان چيف ٿيڻ لاءِ موزون آهي؟: ايران جنگ تي ڇهن ڪلاڪن جي ڊگهي ٻڌڻي، سخت سوال جواب

فہرستِ مضامین

واشنگٽن  (انٽرنيشنل ڊيسڪ)

 آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ايران بابت فوجي پاليسين ۽ جنگي حڪمت عملي تي آمريڪي ڪانگريس ۾ سخت بحث ٿيو، جتي ڇهن ڪلاڪن تائين ڊگهي ٻڌڻي دوران سخت سوالن ۽ تيز جملن جي ڏي وٺ ٿيندي رهي.

ايران سان تڪرار ۽ جنگي صورتحال کان پوءِ پهريون ڀيرو آمريڪي دفاع واري وزير پيٽ هيگسيٿ ڪانگريس جي “آرمڊ سروسز ڪميٽي” آڏو پيش ٿيو. هن سان گڏ گڏيل فوجي عملدارن جو چيئرمين جنرل ڊين ڪين ۽ دفاعي کاتي جو مالي چيف به موجود هئا.

دفاعي خرچن تي سوال جواب:

هن ٻڌڻي جو بنيادي مقصد آمريڪي فوج لاءِ 1.5 ٽريلين ڊالر جي بجيٽ بابت وضاحت حاصل ڪرڻ هو.

ڪميٽي جي چيئرمين مائڪ راجرز سوال ڪيو ته اڳ ۾ مليل فنڊنگ سان فوج کي ڪهڙا فائدا ٿيا؟، وزير دفاع پيٽ هيگسيٿ جواب ڏنو ته انهن پئسن سان فوجي نظام ۾ بهتري آئي آهي، خاص طور تي سپاهين لاءِ رهائشي سهولتن ۽ ٻين بنيادي ضرورتن ۾ ترقي ٿي آهي.

جنگ ۽ ايران بابت بحث:

ڊيموڪريٽڪ ميمبر ايڊم سمٿ سوال ڪيو ته ايران سان جنگ ۾ اڃا تائين ڪيترو خرچ ٿيو آهي ۽ ڇا مڪمل تفصيل ڪانگريس کي ڏنا ويندا؟، مالي عملدارن ٻڌايو ته هن وقت تائين لڳ ڀڳ 25 ارب ڊالر خرچ ٿي چڪا آهن، جن مان گهڻو حصو هٿيارن ۽ گولا بارود تي استعمال ٿيو آهي.

ايڊم سمٿ وڌيڪ سوال ڪيو ته ڇا ايران کان واقعي فوري ايٽمي خطرو موجود هو؟ جنھن تي وزير دفاع جواب ڏنو ته ايران پنهنجا ايٽمي عزائم ختم نه ڪيا هئا، تنهنڪري آمريڪا اسرائيل سان گڏجي ڪارروائي جو فيصلو ڪيو.

پاليسي تي اختلاف:

ڪجهه ميمبرن نشاندهي ڪئي ته آمريڪي دفاعي حڪمت عملي ۾ چين کي سڀ کان وڏو خطرو قرار ڏنو ويو هو، جڏهن ته ايران ان وقت نسبتاً ڪمزور حالت ۾ هو.

هن بنياد تي سوال اٿاريو ويو ته ايران تي جنگي وسيلن جو وڏو استعمال ٻين عالمي خطرن جي مقابلي ۾ توازن کي متاثر ڪري ٿو، جنرل ڊين ڪين جواب ۾ چيو ته فوجي طاقت جو استعمال هميشه سياسي ۽ سلامتي جي حالتن مطابق ڪيو ويندو آهي ۽ اهڙن فيصلن ۾ هميشه ڪجهه نه ڪجهه سمجهوتا ڪرڻا پوندا آهن.

ٻڌڻي دوران ڪيترن ئي موقعن تي سخت لهجي ۾ سوال جواب ٿيا، جنهن مان واضح ٿيو ته ايران جنگ ۽ آمريڪي دفاعي پاليسي تي ڪانگريس اندر به شديد اختلاف موجود آهن.

آمريڪي بحريه جي سيڪريٽري کي اوچتو عهدي تان هٽائڻ واري فيصلي تي آمريڪي دفاعي وزير پيٽ هيگسيٿ کان ڪانگريس ۾ وضاحت طلب ڪئي وئي.

هيگسيٿ شروعات ۾ عهدي تان هٽايل جان فالن جي فوجي خدمتن جي تعريف ڪئي، پر هن چيو ته آخرڪار مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ تيز رفتاري سان اڳتي وڌڻ ضروري هو، ۽ ان لاءِ نئين قيادت ۽ نئين حڪمت عملي جي ضرورت هئي، تنهنڪري اهو فيصلو ڪيو ويو.

هن وڌيڪ چيو ته اعليٰ فوجي آفيسرن جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويندو آهي ته ڇا اهي مقرر ڪيل مشن مطابق ڪم ڪري رهيا آهن يا نه ۽ جيڪڏهن نه ڪري رهيا هجن ته تبديلي لازمي ٿي وڃي ٿي.

ايران جنگ ۽ قانوني حدون:

هي ٻڌڻي اهڙي وقت ٿي جڏهن ٽرمپ انتظاميه لاءِ ايران خلاف فضائي حملا ٻيهر شروع ڪرڻ قانوني طور مشڪل ٿي ويا آهن، ڇاڪاڻ⁠ تھ 1973ع جو جنگي اختيارن وارو قانون صدر جي فوجي اختيارن کي محدود ڪري ٿو.

ان قانون مطابق، صدر بنا ڪانگريس جي منظوري جي صرف 60 ڏينهن تائين فوج کي جنگي صورتحال ۾ استعمال ڪري سگهي ٿو، ان کان پوءِ ڪانگريس جي ووٽنگ ضروري ٿي وڃي ٿي.

هاڻي اهو واضح ناهي ته وائيٽ هائوس هن آخري مدي، جيڪو پهرين مئي تي ختم ٿي رهيو آهي، کي ڪيئن سنڀاليندو.

ماهرن موجب ٽرمپ انتظاميه لاءِ ڪانگريس ۾ ووٽ حاصل ڪرڻ ڏکيو مرحلو ٿي سگهي ٿو. جيتوڻيڪ ريپبلڪن پارٽي کي سينيٽ ۽ ايوانِ نمائندگان ٻنهي ۾ اڪثريت حاصل آهي، پر جنگ جهڙي حساس معاملي تي ٻنهي سياسي پارٽين اندر اختلاف پيدا ٿيڻ جو امڪان آهي، جنهن سبب ووٽ جو نتيجو غير يقيني بڻجي سگهي ٿو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں