آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان ايران خلاف ايٽمي معاهدي تائين هرمز جي ناڪابندي جاري رکڻ واري بيان کان پوءِ عالمي منڊي ۾ وڏي اٿل پٿل ڏسڻ ۾ آئي آهي.
عالمي سطح تي خام تيل جي قيمتن ۾ تيزي سان واڌ ٿي آهي ۽ في بيرل قيمت وڌي 120 ڊالر تائين پهچي وئي آهي، جنهن سبب ڪيترن ئي ملڪن جي معيشتن تي دٻاءُ وڌي ويو آهي.
ٻئي طرف پاڪستان ۾ به ان صورتحال جا اثر ڏسڻ ۾آيا آهن. خميس واري ڏينهن پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ سخت ٻاڙائي ڏسڻ ۾ آئي ۽ ڪاروباري ڏينهن دوران اسٽاڪ انڊيڪس ۾ لڳ ڀڳ 3000 پوائنٽن جي وڏي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي.
مالي ماهرن موجب عالمي تيل جي قيمتن ۾ واڌ ۽ جنگي ڇڪتاڻ سبب سيڙپڪارن ۾ بي يقيني وڌي وئي آهي، جنهن جو اثر ترقي پذير ملڪن جي مارڪيٽن تي وڌيڪ شدت سان پئجي رهيو آهي.