آمريڪي فوج اڳڀرائي ڪئي تھ فوري ڪارروائي ٿيندي: ايران جو چتاءُ  

فہرستِ مضامین

تھران: ايراني بحريھ جي ڪمانڊر شاھرام ايراني خبردار ڪيو آھي تھ جيڪڏھن آمريڪي فوج اڳڀرائي ڪئي تھ فوري ڪارروائي ڪئي ويندي.

سرڪاري نشرياتي اداري آءِ آر آءِ بي مطابق ڪمانڊر شاھرام ايراني ھڪ بيان ۾ چيو تھ ايران آبناءِ ھرمز کي عربي سمنڊ جي طرف کان بند ڪري ڇڏيو آھي ۽ جيڪڏھن آمريڪي فورسز اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪئي تھ سخت رد عمل ڏنو ويندو.

ھن چيو تھ دشمن اھو سمجھيو ھو تھ ھو تمام گھٽ وقت، جيئن ٽن کان ھڪ ھفتي جي اندر ايران جي خلاف جنگ جو نتيجو حاصل ڪري وٺندو، پر ان جو اھو اندازو ھاڻي فوجي يونيورسٽين ۾ مذاق بڻجي چڪو آھي، اسان پنھنجي شھيدن جي بدلي لاءِ رت جي آخري ڦڙي تائين متحد آھيون.

ان کان اڳ ايران جي پريس ٽي وي فوجي عھديدار جي حوالي سان رپورٽ ڪيو ھو تھ جيڪڏھن آمريڪا طرفان ايراني بندرگاھن جي ناڪابندي جاري رھي تھ ان کي بيمثال ڪارروائي کي منھن ڏيڻو پوندو.

عھديدار اھو بھ چيو تھ ايراني ھٿياربند فوج صبر جو مظاھرو ان لاءِ ڪيو آھي تھ جيئن سفارتڪاري کي موقعو ڏئي سگھجي ۽ آمريڪا ايران جي شرطن کي تسليم ڪري جنگ جي مستقل خاتمي تي راضي ٿي سگھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں