لائیو ايران جي خلاف ڊگھي مدي واري ناڪابندي جي تياري ڪريو: ٽرمپ جون صلاحڪارن کي ھدايتون

فہرستِ مضامین

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ صلاحڪار کي ھدايت ڏيندي چيو آھي تھ ايران جي خلاف ڊگھي مدي واري ناڪابندي جي تياري ڪريو.

آمريڪي اخبار جي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آھي تھ ڊونلڊ ٽرمپ چيو آھي تھ ايران جي معيشت ۽ تيل جي برآمدات تي دٻاءَ جاري رکيو وڃي.

ھن چيو تھ ايراني بندرگاھن تان ايندڙ ويندڙ شپنگ کي روڪيو وڃي، بمباري شروع ڪرڻ يا تڪرار کان ٻاھر نڪرڻ ناڪابندي برقرار رکڻ جي مقابلي ۾ وڌيڪ خطرناڪ آھي.

واضح رھي تھ گذريل ڏينھن آمريڪي نشرياتي اداري سي اين اين دعويٰ ڪئي ھئي تھ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اشارو ڏنو آھي تھ مان ايران طرفان جنگ جي خاتمي لاءِ پيش ڪيل تازيون تجويزون قبول ڪرڻ جي حق ۾ ناھيان.

آمريڪي ميڊيا مطابق تھران ھڪ اھڙو منصوبو پيش ڪيو جنھن تحت آبناءِ ھرمز کي ٻيھر کوليو ويندو، جڏھن تھ ان جي جوھري پروگرام بابت معاملا بعد جي ڳالھھ ٻولھھ لاءِ ڇڏيا ويندا.

ان کانسواءِ اھا رپورٽ بھ سامھون آئي ھئي تھ ايران تي مسلط ڪيل جنگ جي ٻن مھينن کانپوءِ ايل اين جي جي پھرين کيپ آبناءِ ھرمز عبور ڪري خليج فارس مان ٻاھر نڪري وئي.

آمريڪي نيوز اداري بلوم برگ پنھنجي ھڪ رپورٽ ۾ جھازن جي چرپر جي ڊيٽا جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ھو تھ مبارز نالي ٽينڪر ڀارت جي ڏکڻ ساحل جي ويجھو گذري رھيو ھو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں