لائیو يو اي اِي تيل پيدا ڪندڙ ملڪن جي تنظيم اوپيڪ ۽ اوپيڪ پلس کان عليحدگي جو اعلان ڪري ڇڏيو.

فہرستِ مضامین

متحدھ عرب امارات (يو اي اِي) تيل پيدا ڪندڙ وڏن ملڪن جي تنظيم اوپيڪ ۽ اوپيڪ پلس کان عليحدگي جو اعلان ڪري ڇڏيو.

اماراتي نيوز ايجنسي مطابق اھو فيصلو پھرين مئي 2026ع کان عمل جوڳو ھوندو. ان فيصلي جا عالمي تيل مارڪيٽ تي بھ اثر متوقع آھن.

نيوز ايجنسي مطابق عملدارن جو چوڻ آھي تھ متحدھ عرب امارات تيل جي وڪري جي پاليسي ۾ مودمختياري حاصل ڪندو.

ياد رھي تھ تيل پيدا ڪندڙ ملڪن جي تنظيم اوپيڪ جو قيام 1960 ۾ عمل ۾ آيو ھو، سعودي عرب، ايران، عراق ۽ ڪويت اوپيڪ جا اھم ميمبر آھن.

اوپيڪ پلس جو قيام 2016 ۾ عمل آيوھو جڏھن اوپيڪ ملڪن ۽ نان اوپيڪ ملڪن ۾ اتحاد ٿيو، ان ۾ روس سميت ٻيا ملڪ شامل آھن. اوپيڪ ۽ اوپيڪ پلس تيل جي پيداوار ۽ قيمتن جو تعين ڪندا آھن ۽ اندازي مطابق اھي دنيا جي لڳ ڀڳ 40 کان 50 سيڪڙو تيل جي پيداوار کي ڪنٽرول ڪندا آھن.

تيل جي عالمي مارڪيٽ جي حوالي سان آمريڪي نيوز ويب سائٽ آئل پرائس ڊاٽ ڪام مطابق اوپيڪ جي ٽئين سڀ کان وڏي تيل پيدا ڪندڙ ملڪ طرفان تنظيم کان عليحدگي جو اعلان اھڙي وقت ۾ سامھون آيو آھي جڏھن تل جي عالمي مارڪيٽ پھريان ئي غير مستحڪم آھي. ايران جنگ پنھنجي نئين ھفتي ۾ داخل ٿي چڪي آھي ۽ آبناءِ ھرمز عملي طور تي بند آھي، جڏھن تھ تيل جي قيمت 110 ڊالر في بيرل کان مٿي وڃي چڪي آھي.

رپورٽ مطابق يو اي اِي اھو فيصلو اوچتو نھ ڪيو پر ڪافي عرصي کان ان جون تياريون جاري ھيون، ڇو تھ پيداوار جي حد جي معاملي تي ان جا سعودي عرب سان اختلاف وڌي رھيا ھئا.

آئل پرائس ڊاٽ ڪام مطابق اوپيڪ پلس معاھدي تحت امارات جي پيداوار لڳ ڀڳ 30 لک بيرل روزانو تائين محدود ھئي، جڏھن تھ ان جي اصل صلاحيت 40 لک بيرل روزانو کان وڌيڪ آھي ۽ امارات 2027 تائين پيداوار 50 لک بيرل روزانو تائين کڻي وڃڻ چاھي ٿو.

ان فيصلي جا تيل جي مارڪيٽ تي ڪھڙا اثر پوندا؟

ماھرن مطابق مختصر مدي ۾ ان جو اثر ايترو وڏو نھ ھوندو ڇو تھ آبناءِ ھرمز جي بحران سبب في الحال ڪيتري ئي پيداوار ھونئن ئي رکيل آھي ۽ امارات جيترو تيل ڪڍي سگھي ٿو، ايترو برآمد نٿو ڪري سگھي، پر ڊگھي مدي ۾ ان جا اثر تمام اھم ٿي سگھن ٿا.

ان کان اڳ قطر، ايڪواڊور، انڊونيشيا ۽ انگولا بھ اوپيڪ مان نڪري چڪا آھن جڏھن تھ امارات جھڙي وڏي ۽ پراڻي ميمبر جو ڌار ٿيڻ اھميت رکي ٿو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں