لائیو آمريڪا جو خاص تعلق برطانيھ سان نھ پر صرف اسرائيل سان آھي: برطانوي سفير

فہرستِ مضامین

آمريڪا ۾ برطانيھ جي سفير سر ڪرسچن ٽرنر چيو آھي تھ آمريڪا جو خاص تعلق برطانيھ سان نھ پر ممڪنھ طور تي صرف اسرائيل سان آھي.

برطانوي اخبار فنانشل ٽائمز جي رپورٽ مطابق ھڪ ليڪ ٿيل ويڊيو ۾ برطانوي سفير چيو تھ آمريڪا ۽ برطانيھ وچ ۾ ويجھا تعلق ضرور موجود آھن، خاص طور تي دفاع جي شعبن ۾، جڏھن تھ عالمي حالتون تيزي سان تبديل ٿي رھيون آھن.

سر ڪرسچن ٽرنر وڌيڪ چيو تھ آمريڪا ۽ برطانيھ جي وچ ۾ تعاون جاري رھندو پر اھو تعلق پھريان جھڙو نھ پر تبديل ٿيندڙ عالمي صورتحال مطابق نئين شڪل اختيار ڪري رھيو  آھي.

ھن چيو تھ يورپ ھاڻ مڪمل طور تي آمريڪا جي سيڪيورٽي نظام تي ڀاڙي نٿو سگھي، ان سان گڏ اھو بھ چيو تھ ھن وقت آمريڪا جو خاص تعلق صرف ھڪ ملڪ سان آھي ۽ اھو ملڪ اسرائيل آھي.

برطانوي سفير موجودھ دور ۾ مغربي اتحادي ملڪن کي پنھنجي تعلقات ۽ ذميوارين جو نئين سر جائزو وٺڻ جي ضرورت تي بھ زور ڏنو.

ٻئي طرف برطانوي پرڏيھي آفيس ان بيان تي رد عمل ڏيندي چيو آھي تھ اھا سفير جي ذاتي راءِ ۽ خيال آھي ۽ حڪومت جي سرڪاري پاليسي جي عڪاسي نٿو ڪري.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں