لائیو ايران اطلاع ڏنو آھي تھ ھو تباھي جي ڪناري تي آھي ۽ چاھي ٿو تھ اسان جلد کان جلد ھرمز کولي ڇڏيون: ٽرمپ

فہرستِ مضامین

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي آھي تھ ايران آمريڪا کي ٻڌايو  آھي تھ ھو تباھي جي ڪناري تي آھي.

آمريڪي صدر سوشل ميڊيا تي جاري بيان ۾ چيو تھ ايران چاھي ٿو تھ جيترو جلدي ممڪن ٿي سگھي آمريڪا آبناءِ ھرمز کولي ڇڏي.

ھوڏانھن آمريڪي ميڊيا چيو آھي تھ آبناءِ ھرمز کي فوري کولڻ ۽ جوھري پروگرام تي بعد ۾ ڳالھيون ڪرڻ جي ايراني تجويز صدر ٽرمپ جي آڏو آئي پر ھو ان کي قبول ڪرڻ جي حق ۾ ناھي.

ٻئي طرف آمريڪي ٽي وي سي اين اين جو چوڻ آھي تھ آمريڪا ايران ھڪٻئي کان جيترو پري نظر اچي رھيا آھن ايترو آھن نھ، پسمنظر ۾ ٻنھي ملڪن وچ ۾ ڀرپور سفارتڪاري ھلي رھي آھي.

ياد رھي تھ ايران پاڪستان جي ذريعي آمريڪا کي نيون تجويزون پيش ڪيون آھن، انھن تجويزن ۾ پھريان جنگبندي ۽ پوءِ مستقل جنگبندي جي ضمانت شامل آھي.

ايران آبناءِ ھرمز کولڻ جي پيشڪش آمريڪي ناڪابندي جي خاتمي سان مشروط ڪئي آھي ۽ چيو  آھي تھ اھو سڀ ٿي وڃي تھ پوءِ ايراني ايٽمي پروگرام تي ڳالھيون ٿينديون جڏھن تھ آمريڪا کي پرامن مقصدن لاءِ يورينيم افزودگي جو ايراني حق تسليم ڪرڻو پوندو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں