فهميده رياض
شادي جو ڪاڄ ھجي يا ڪو جشن، ميلو يا خوشيءَ جو موقعو جيڪڏهن ڪو ڳائڻو موجود آهي ته ان کان فرمائش ڪئي ويندي، جيڪڏهن نه ته ايڪو ساؤنڊ تي “هو جمالو” گيت وڄايو ويندو ۽ ڪاڄ يا ميلي ۾ شريڪ ماڻھو دائري ۾ رقص ڪندي “هو جمالو” جو مصرعه ورجائيندا.
هو جمالو گيت سنڌ جي ثقافت جو اٽل حصو بڻجي چڪو آهي، پر ڇا توهان ڄاڻو ٿا ته هي جمالو ڪير هو؟ ڇا واقعي ان جو سکر جي پل سان ڪو تعلق آهي يا رڳو ڪهاڻيون گھڙيون ويون آهن؟
اچو ته هو جمالو جو پتو لڳايون.
عابده پروين کان وٺي اصغر کوسي تائين هر سطح ۽ هر عمر جي ڳائڻن، هو جمالو گيت ڳايو آهي، سنڌ هجي يا هند، يورپ ۽ آمريڪا ان جي گونج هر هنڌ آهي. سنڌي ڪلچرل ڊي تي ته ٽائيم اسڪوائر نيويارڪ جو چوڪ به هن گيت سان گونجي ٿو. پرگذريل ٻن ڏهاڪن کان لينس ڊاؤن پل (روهڙي ۽ سکر واري پل) بابت هڪ داستان زور ورتو آهي، خاص طور سوشل ميڊيا پوسٽن، ولاگز ۽ اسٽورين ۾ اهو عام ڪيو ويو آهي ته “هو جمالو”، “سکر واري پل” سان منسوب آهي.
جڏهن لينس ڊاؤن پل ٺهي تيار ٿي ته ان تان ريل هلائڻ لاءِ ڪو ڊرائيور تيار نه هو. تڏهن جيل ۾ موجود موت جي سزا واري هڪ قيدي کي چيو ويو ته جيڪڏهن هو هتان ريل هلائيندو ته سندس سزا معاف ڪئي ويندي. هڪ قيدي اها آڇ قبول ڪئي ۽ ريل هلائي. ان قيدي جو نالو جمال هو جيڪو گيت ۾ اچي “جمالو” بڻجي ويو.
ڇا هي حقيقت آهي يا افسانو؟ يا ڪوڙ کي سچ بڻايو ويو آهي؟
صحافي ۽ اديب ممتاز بخاري هن تي هڪ دلچسپ تحقيق ڪئي آهي، هو لکي ٿو ته: لينس ڊاؤن پل جو سکر وارو چينل 1885ع ۾ مڪمل ٿيو، جنهن تان ريل گاڏي ۾ وزني پٿر وجهي هلائي وئي، جنهن جون تصويرون موجود آهن.
هي پل ننڍي آهي. ٻيو مرڪزي پل روهڙي چينل سڏجي ٿو جيڪو 1889ع ۾ کوليو ويو. ان وقت جي ريلوي مينيوئل موجب انجڻ ڪو اڻڄاڻ ماڻهو نٿو هلائي سگهي، ڪيترن مهينن جي تربيت کان پوءِ ئي ڪنهن لاءِ ريل هلائڻ ممڪن هوندو هو.
ممتاز بخاري سوال ڪري ٿو ته جڏهن 1889ع ۾ لينس ڊاؤن پل جو افتتاح ٿيو ته سکر ۾ ڪا جيل نه هئي، ته پوءِ موت يا عمر قيد وارو قيدي ڪٿان آيو؟
سکر ۾ جيل ويهين صدي ۾ ٺهي. ان کان اڳ جيل شڪارپور يا خيرپور ميرس ۾ هئي. شڪارپور ۾ جيل 1876ع ۾ مڪمل ٿي، جنهن ۾ سکر جي بکر قلعي مان قيدين کي موڪليو ويو هو. مطلب ته پل جي افتتاح وقت سکر ۾ ڪا جيل نه هئي.
لينس ڊاؤن پل روهڙي ۾ آهي. ويهه سال اڳ تائين ان کي “روهڙي واري پل” يا “قينچي واري پل” چيو ويندو هو. پوءِ جمالو گيت ۾ ان کي “سکر واري پل” ڪيئن چيو ويو؟ حالانڪه 1941ع ۾ شايع ٿيل ڪتاب “سکر سونهارو” ۾ به اهڙي هڪ روايت آهي ته هڪ قيدي کي ريل هلائڻ لاءِ چيو ويو، پر ان ۾ ڪٿي به اهو ناهي لکيل ته هو جمال يا جمالو هو.
هن ڪتاب ۾ به ان کي رڳو ٻڌل ڳالهه چيو ويو آهي. “سکر واري پل” اصل ۾ سکر بئراج آهي جيڪو 1932ع ۾ مڪمل ٿي. سنڌ جي مشهور تاريخ نويس رحيم داد خان مولائي شيدائي جي اڪيڊمي طرفان شايع ٿيل ڪتاب “سکر جا مسلمان ۽ هندو بزرگ” ۾ شير محمد بلوچ بابت ڄاڻ ڏني وئي آهي، جيڪو مولائي شيدائي جو والد هو.
“شير محمد خان تمام بهادر ماڻهو سمجهيو ويندو هو، ڇاڪاڻ ته 1888ع ۾ لينس ڊاؤن پل ٺهڻ کان پوءِ هو پهريون هندستاني ڊرائيور هو جنهن هن پل تان ريل گاڏي هلائي.”
مولائي شيدائي پنهنجي والد شير محمد کان پوءِ ريلوي ۾ نوڪري ڪئي. لڳي ٿو ته هن پنهنجي والد کان اها ڳالهه ٻڌي لکي هوندي يا ريلوي ۾ هجڻ ڪري کيس اها ڄاڻ هئي. تنهنڪري سنڌي گيت “هو جمالو” وارو جمال ڪو اهڙو قيدي نه هو جنهن روهڙي واري يعني قينچي واري پل تان ريل هلائي هجي.
جمالو گيت ۾ هڪ مصرعو “منهنجو جمالو جتن سان گڏ” به اچي ٿو. جت هڪ بلوچ قبيلو آهي. وقت سان گڏ جمالو گيت ۾ ڪيترن ماڻهن پنهنجا رنگ ڀريا، اهڙي طرح ان جي تاريخ به ڪا حتمي ناهي ۽ ان جو ڪو دستاويزي ثبوت به موجود ناهي.