وياج جي شرح ۾ اضافي کانپوءِ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري ھفتي جي ٻئي ڏينھن منفي رجحان ڏٺو پيو وڃي.
بازار حصص ۾ ڪاروبار دوران 100 انڊيڪس ۾ 674 پوائنٽس جي گھٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي جنھن کانپوءِ انڊيڪس ھڪ لک 68 ھزار 823 پوائنٽس تي اچي ويو.
اڄ ھينئر تائين ڪاروبار دوران 100 انڊيڪس ھڪ لک 68 ھزار 171 پوائنٽس جي ھيٺين سطح تائين آيو، جڏھن تھ ھڪ لک 68 ھزار 854 جي بلند سطح تائين بھ ويو.
واضح رھي تھ گذريل ڏينھن ڪاروبار جي اختتام تي 100 انڊيڪس ھڪ لک 69 ھزار 497 پوائنٽس تي بند ٿيو ھو.
گذريل ڏينھن وياج جي شرح ۾ اضافي کان اڳ انڊيڪس 0.68 سيڪڙو گھٽتائي تي بند ٿيو، مارڪيٽ ۾ ڪالھھ 6 ڏينھن کان پوءِ ھڪ ارب شيئرز کان گھٽ سودا ٿيا.