واشنگٽن: آمريڪي پرڏيھي وزير سڪاٽ بيسنٽ خبردار ڪيو آھي تھ جيڪي ڪمپنيون ايران جي فضائي ڪمپنين کي خدمتون فراھم ڪري رھيون آھن اھي آمريڪي پابندين کي منھن ڏئي سگھن ٿيون، اھو قدم اقتصادي پابندين جي مھم جو حصو آھي.
ھن سماجي رابطن واري ويب سائٽ ايڪس تي بيان ۾ چيو تھ سڄي دنيا جي حڪومتن کي گھرجي تھ اھي پنھنجي اختيارن جي دائري ۾ موجود ڪمپنين کي ايران جي طيارن کي خدمتون فراھم ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ تمام ضروري قدم کڻن.
انھن خدمتن ۾ طيارن لاءِ ٻارڻ، کاڌي پيتي جي سھولت، لينڊنگ فيس ۽ مرمت شامل آھي، ان مھم تحت آمريڪا ايران تي وڌ کان وڌ معاشي دٻاءَ وجھندو ۽ ٽئين ڌر جي خلاف ڪارروائي کان نھ ڪيٻائيندو جيڪي ايراني ادارن سان ڪاروبار ڪن ٿيون يا ان ۾ سھولت فراھم ڪن ٿيون.
ان کان اڳ بھ آمريڪا ھڪ طرفي طور تي ايران تي لاڳو پابندين ۾ واڌ ڪندي چين جي آئل ريفائنري ۽ 19 شپنگ ڪمپنين کي شامل ڪيو آھي جن تي الزام آھي تھ اھي ايراني تيل جي ترسيل ۾ استعمال ٿيندڙ سامونڊي جھازن جي ملڪيت رکن ٿيون.