لائیو آبناءِ ھرمز جي بندش عالمي امن ۽ ترقي پذير ملڪن لاءِ سنگين خطرو آھي: پاڪستان

فہرستِ مضامین

نيويارڪ: پاڪستان آبناءِ جي بحران دوران سفارتڪاري ۽ بحري تعاون تي زور ڏنو آھي.

پاڪستان چيو آھي تھ عالمي بحري رستن ۾ رڪاوٽ، خاص طور تي آبناءِ ھرمز جي بندش، بين الاقوامي امن، معاشي استحڪام ۽ ترقي پذير ملڪن جي لاءِ سنگين خطرو بڻجي سگھي ٿي.

اقوام متحدھ جي سلامتي ڪائونسل ۾ بحري سلامتي بابت اجلاس کي خطاب ڪندي پاڪستان جي نمائندي عاصم افتخار احمد چيو تھ سامونڊي رستن جو تحفظ نھ صرف واپار پر وسيع ترقياتي ۽ سلامتي جي ھدفن جي لاءِ بھ اڻٽر آھي.

عالمي بحري علائقا 21ھين صدي جا اھم جغرافيائي ۽ اسٽريٽجڪ ميدان آھن جتي موجودھ دور جا وڏا چئلينج ھڪ ٻئي سان جڙيل آھن اھي سامونڊي رستا عالمي واپار جي ڪرنگھي جي ھڏي آھن ۽ زمين جي ماحولياتي نظام جي صورتحال جو اھم پيمانو بھ آھن جڏھن تھ جديد معيشتون وڏي حد تائين بنا روڪ بحري واپار تي ڀاڙين ٿيون.

عاصم افتخار احمد آبنجاءِ ھرمز ۾ جاري رڪاوٽ کي ان جي واضح مثال قرار ڏنو تھ ڪھڙي طرح بحري عدم استحڪام عالمي بحرانن کي جنم ڏئي سگھي ٿو.

ھن چيو تھ آبناءِ ھرمز جي بندش ۽ ان جي نتيجي ۾ خوراڪ ۽ توانائي جي سلامتي تي پوندڙ اثرن ۽ عالمي سپلاءِ چين ۾ پيدا ٿيندڙ رڪاوٽون ھن مسئلي جي سنگيني کي واضح ڪن ٿيون.

پاڪستاني مستقل نمائندي چيو تھ آبناءِ ھرمز جي بندش سان آئل، گيس جي ترسيل جو مسئلو آھي، عالمي حالتن سان ترقي پذير ملڪ شديد متاثر ٿي رھيا آھن، پاڪستان، چين، سعودي عرب، ترڪيھ، مصرف جھڙن برادر ملڪن سان رابطي ۾ آھيون.

عاصم افتخار چيو تھ آمريڪا ۽ ايران جي معاملن ۾ استحڪام آڻڻ لاءِ ڪوششون وٺي رھيا آھيون، پاڪستان موجودھ بحران جي حل لاءِ ڊائيلاگ ۽ ڊپلوميسي تي يقين رکي ٿو، جنگ جي خاتمي، امن جي قيام لاءِ پاڪستان ھر ممڪن قدم کڻڻ لاءِ تيار آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں