لائیو پاڪستان لاءِ 1.2 ارب ڊالر جي ايندڙ قسط جي منظوري جو معاملو، آءِ ايم ايف ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اجلاس طلب

فہرستِ مضامین

پاڪستان لاءِ 1.2 ارب ڊالر جي ايندڙ قسط جي منظوري لاءِ عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اجلاس 8 مئي تي طلب ڪيو ويو.

آءِ ايم ايف طرفان جاري پڌرائي ۾ چيو ويو آھي تھ 8 مئي تي ايگزيڪيوٽو بورڊ اجلاس ۾ پاڪستان لاءِ وسيعي فنڊ سھولت پروگرام تحت ٽئين اقتصادي جائزي جي منظوري متوقع آھي.

پڌرائي مطابق اجلاس ۾ موسمياتي تبديلي جي آر ايس ايف پروگرام جي ٻئي جائزي جي بھ منظوري ڏني ويندي.

ياد رھي تھ پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ اسٽاف ليول معاھدو 27 مارچ تي طئي ٿيو ھو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں