پاڪستان سپر ليگ جو پلي آف مرحلو اڄ کان شروع ٿيندو، ڪراچي ۾ پشاور زلمي ۽ اسلام آباد يونائيٽيڊ ڪواليفائر ۾ آسامھون سامھون ھونديون.
پي ايس ايل ڪواليفائر جي اِي ٽڪيٽ جو وڪرو تعطل جو شڪار ٿي ويو، پي ايس ايل انتظاميھ ٻڌايو تھ ويب سائٽ تي ھڪ ئي وقت رش سبب اِي ٽڪيٽ جو عمل عارضي طور تي معطل آھي، انتظاميھ واضح ڪيو تھ اِي ٽڪيٽ جي وڪري جو عمل جلد بحال ڪيو ويندو.
فزيڪل ٽڪيٽ جو وڪرو صبح 10 وڳي کان شروع ٿي ويندي، پي سي بي مطابق فزيڪل ٽڪيٽ ڪوريئر ڪمپني جي گلشن ۽ گلستان جوھر جي آفيسن مان حاصل ڪري سگھجن ٿيون.
پي سي بي مطابق چائنا گرائونڊ پارڪنگ ۾ بھ عارضي ڪائونٽر تي 12 وڳي کان فزيڪل ٽڪيٽ حاصل ڪري سگھجن ٿا.