خيبر پختونخوا جي ضلعي ڪرم ۾ ڊگھي عرصي کان غير فعال پارھ چنار ايئرپورٽ ٻيھر فعال ڪيو ويو.
ذريعن موجب پاڪ فوج، ايف ڊبليو او ۽ پاڪستان ايئرپورٽ اٿارٽي جي ڪاوشن سان ايئرپورٽ فعال ٿيو، پاڪ آرمي ايوي ايشن طرفان 26 اپريل تي آپريشنل لينڊنگ ۽ ٽيڪ آف ٽرائلز ڪيا ويا.
ذريعن جو چوڻ آھي تھ پاڪ آرمي ايوي ايشن رن وي جي فعاليت ۽ آپريشنل تياريون جاچڻ لاءِ ٽرائلز ڪيا.
ذريعن موجب پاڪ آرمي ايوي ايشن مجموعي طور تي 6 ڪامياب لينڊنگ ۽ ٽيڪ آف ٽرائلز مڪمل ڪيا، ايئرپورٽ رن ويز کي پيشوراڻي معيار ۽ اعليٰ سيفٽي اسٽينڊرڊز مطابق قرار ڏنو ويو.