لنڊن جي روڊن تي ڪالھھ ھڪ غير معمولي منظر ڏسڻ ۾ آيو جتي 30 سالن جو جارڊن ايڊمز پنھنجي پٺيءَ تي فريج ٻڌي ميراٿن ڊوڙي رھيو ھو، اھو ڪو اسٽنٽ نھ ھو، نھ ئي صرف ڌيان حاصل ڪرڻ جي ڪوشش.
ميراٿن مڪمل ڪرڻ تي جارڊن پنھنجي فيس بڪ پوسٽ ۾ لکيو “مان بھ لنڊن ميراٿن ۾ حصو ورتو آھي ۽ اھو بھ پنھنجي پٺيءَ تي فريج ٻڌي، ھڪ ميراٿن مڪمل ٿي وئي ھاڻ 32 باقي آھن.”
ھن وڌيڪ لکيو تھ “لنڊن” تمام ناقابل يقين ھو، منھنجي فيملي ڪڏھن بھ ان محبت ۽ مھرباني جو بدلو نٿي چڪائي سگھي جيڪو اسان ھن ھفتي، خاص طور تي اڄ محسوس ڪيو، جيڪڏھن منھنجي پٺيءَ تي فريج ٻڌي ميراٿن ڊوڙڻ ئي اھا قيمت آھي جيڪا مونکي چڪائڻي آھي، تھ مان اھو ھر ان خاندان لاءِ ڪندس جيڪو ڊيمنشيا سان متاثر ٿي چڪو آھي، ھيءَ اوھان جي لاءِ ھو.
ھن وڌيڪ لکيو تھ، پر اھو ھن 15 سالن جي ٻار (منھنجي ننڍپڻ) جي لاءِ بھ ھو، جيڪو بستر تي ليٽي روئيندو ھو ڇو تھ دنيا منھنجي ماءُ کي مونکان کسي رھي ھئي. اڄ ھوءَ مٿان مسڪرائي رھي ھئي.
ھيءَ ڪھاڻي صرف ھڪ ميراٿن جي ناھي، ھيءَ ھڪ اھڙي حقيقت جي ڪھاڻي آھي جنھن کان فرار ممڪن ناھي.
جارڊن ايڊمز ۽ سندس ڀاءُ سيان ان وقت ننڍڙو ھو جڏھن سندس والدھ جيرالڊين کي فرنٽو ٽيمپورل ڊيمنشيا جي تشخيص ٿي، اھا ھڪ اھڙي بيماري آھي جيڪا انسان جي دماغ، شخصيت ۽ رويي کي آھستي آھستي ختم ڪري ڇڏيندي آھي.
پنجن سالن اندر، ھن پنھنجي ماءُ کي وڃائي ڇڏيو، پر ھڪ ٻيو صدمو ان کان بعد آيو جڏھن کيس ٻڌايو ويو تھ ھو ٻئي پاڻ بھ انھي ناياب جينياتي بيماري ۾ مبتلا ٿيندا ۽ امڪان آھي تھ اھي چاليھھ سالن جي عمر ۾ انھي انجام کي منھن ڏيندا.
يعني ھو ڄاڻن ٿا تھ ڇا اچڻ وارو آھي، ھن پنھنجي اکين سان اھو ھر مرحلو ڏٺو آھي.
جارڊن ۽ سيان گذريل سال برطانيھ جي ھڪ سري کان ٻئي سري تائين ڊوڙ لڳائي فنڊز گڏ ڪيا.
جاردن پنھنجي پٺيءَ تي فريج ٻڌي 42 ڪلو ميٽر ڇو ڊوڙيو؟
جارڊن لاءِ اھو صرف ھڪ چئلينج نھ ھو پر ھڪ علامت ھئي، ھو چوي ٿو تھ گھڻو ڪري زندگي اھڙي لڳندي آھي ڄڻ اوھان ڪو تمام ڳرو بار کنيل آھيو، اھڙو بار جيڪو ڪنھن ٻئي کي نظر نٿو اچي. ڊيمنشيا بھ ائين ئي آھي. خاموش، پر تباھ ڪندڙ.
انھي لاءِ ھو ۽ سندس ڀاءُ 32 ڏينھن ۾ 32 ميراٿن ڊوڙي رھيا آھن، تھ جيئن ماڻھن کي اھو احساس ڏياري سگھن تھ اھو بار اڪيلي نھ کڻڻ گھرجي.
پنھنجي ماءُ جي موت کانپوءِ جارڊن شديد ذھني دٻاءُ، ڊپريشن ۽ خوف جو شڪار رھيو، ھن کي لڳندو ھو تھ سندن مستقبل پھريان ئي لکيو ويو آھي، پر ھو چوي ٿو تھ کين دوستن ۽ خاندان جي سھاري بچايو.
۽ ھاڻ اھو ئي پيغام دنيا تائين پھچائڻ چاھيون ٿا تھ جيڪو بھ بار اوھان کڻي رھيا آھيو، اوھان کي اھو اڪيلي نھ کڻڻو.
ڪالھھ لنڊن ۾ ھن واقعي اھا ميراٿن مڪمل ڪئي ۽ اھا بھ فريج سان گڏ اھا صرف ھڪ ڊوڙ نھ ھئي، اھو وقت جي خلاف ھڪ اعلان ھو. ھڪ بيماري جي خلاف آواز ھئي.
۽ ھڪ اھڙي انسان جي ڪھاڻي ھئي جيڪو ڄاڻي ٿو تھ سندس انجام ڇا ٿي سگھي ٿو پر پوءِ جيئڻ جي چونڊ ڪري رھيو آھي.