اسلام آباد، راولپنڊي سميت خيبرپختونخوا جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا

فہرستِ مضامین

اسلام آباد: اسلام آباد راولپنڊي سميت خيبرپختونخواھ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.

زلزلي پيما مرڪز مطابق جاڙن شھرن، پشاور، سوات، بونير، چترال، نوشھرھ ۽ صوابي ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، ان کان علاوھ بٽگرام، مانسھرھ، ھري پور، ايبٽ آباد ۾ بھ زلزلي سبب ديوارون لڏي ويون.

زلزلي پيما مرڪز جو چوڻ آھي تھ ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي شدت 5.7 رڪارڊ ڪئي وئي آھي، زلزلي جو مرڪز افغانستان تاجستان جو سرحدي علائقو ھو، جڏھن تھ زلزلو 170 ڪلو ميٽر گھرائي ۾ آيو.

زلزلي جي لوڏن سبب ماڻھو خوفزدھ ٿي ڪلما پڙھندي گھرن ۽ آفيسن مان ٻاھر نڪري آيا جڏھن تھ ڪنھن بھ جاني ۽ مالي نقصان جا اطلاع نھ مليا آھن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں