آچر تي ٿيندڙ لنڊن ميراٿن جي 46ھين ايڊيشن ۾ پاڪستاني رنرز نھ صرف وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي پر پنھنجي ڪارڪردگي، حڪمت عملي ۽ مستقل مزاجي سان ھڪ مضبوط تاثر بھ ڇڏيو.
پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ رھندڙ پاڪستاني ڪميونٽي سان تعلق رکندڙ 30 کان وڌيڪ رنرز لنڊن ميراٿن ۾ شرڪت ڪئي ۽ پنھنجون صلاحيتون مڃرايون.
برطانيھ ۾ رھندڙ عبداللھ محمد اطھر 2 ڪلاڪ 39 منٽ ۽ 53 سيڪنڊ ۾ ھن سال لنڊ ۾ سڀني کان تيز پاڪستاني رنر ھئڻ جو اعزاز حاصل ڪيو، سندس ڪارڪردگي جي اصل خاصيت سندس شاندار ريس حڪمت عملي رھي.
ھن ريس جي ابتدائي مرحلن ۾ غير معمولي تسلسل ڏيکاريو، پھريان 10 ڪلو ميٽر 39 منٽ 7 سيڪنڊ ۾ مڪمل ڪيا ۽ ھاف ميراٿن ھڪ ڪلاڪ 18 منٽ ۽ 23 سيڪنڊ ۾ عبور ڪيو، سندس پيس گھڻو ڪري ريس دوران 3:41 کان 3:49 في ڪلو ميٽر جي وچ ۾ رھيو.
آخري مرحلن ۾ جتي عام طور تي رنرز جي رفتار ۾ واضح گھٽتائي ايندي آھي، اطھر نھايت دانشمندي سان رفتار کي ڪنٽرول ڪيو ۽ لڳ ڀڳ 4:00 في ڪلو ميٽر سان مضبوط اختتام ڪيو.
عبداللھ محمد اطھر جو چوڻ ھو تھ پاڪستان ۾ اڪثر ماڻھو سمجھن ٿا تھ ڊوڙڻ لاءِ تمام گھڻو وقت گھربل ھوندو آھي پر منھنجي لاءِ اھو زندگي ۾ نظم ضبط ۽ ذھني سڪون آڻي ٿو.
ھن وڌيڪ چيو تھ ھڪ سال پھريان منھنجو 10 ڪلو ميٽر جو بھترين وقت لڳ ڀڳ 37 منٽ ھو، ۽ اڄ مون انھي رفتار سان پوري ميراٿن مڪمل ڪئي.
ڪراچي سان تعلق رکندڙ امين مڪاتي 2 ڪلاڪ 45 منٽ ۽ 2 سيڪنڊ ۾ تيز ترين رنر رھيو، سندس ڪارڪدگي ھڪ متوازن ۽ ڪنٽرولڊ ريس جي بھرين مثال رھي.
ھن شروعات انتھائي محتاط انداز ۾ ڪئي، 5 ڪلو ميٽر 19 منٽ 8 سيڪنڊ ۾ مڪمل ڪيا ۽ ھاف ميراٿن ھڪ ڪلاڪ 21 منٽ 43 سيڪنڊ ۾ عبور ڪيو، سندس پيس گھڻو ڪري 3:50 کان 3:59 في ڪلو ميٽر جي وچ ۾ رھيو، اھم ڳالھھ اھا رھي تھ ھو ريس جي آخري حصي ۾ بھ پنھنجي رفتار برقرار رکڻ ۾ ڪامياب رھيو.
عورتن ۾ دبئي ۾ رھندڙ سارھ طھور لوڌي 3 ڪلاڪ 25 منٽ 2 سيڪنڊ ۾ سڀ کان تيز پاڪستاني عورت رنر ھئڻ جو اعزاز حاصل ڪيو.
ھن ريس جي ابتدائي حصي ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري، 10 ڪلو ميٽر 46 منٽ 20 سيڪنڊ ۽ ھاف ميراٿن ھڪ ڪلاڪ 38 منٽ ۽ 7 سيڪنڊ ۾ مڪمل ڪيو جڏھن تھ 25 ڪلو ميٽر کانپوءِ رفتار ۾ گھٽتائي آئي، جتي سندس پيس 5:00 کان 5:20 في ڪلو ميٽر تائين ھليو ويو، ان جي باوجود ھن ھمٿ نھ ھاري ۽ مضبوطي سان ريس مڪمل ڪئي.
ٻين نمايان ڪارڪردگين ۾ ڪراچي جي ريحان آدمجي (3:11:01) سان ٽيون تيز ترين پاڪستاني رھيو، جڏھن تھ (3:32:32) سان عدنان گانڌي لنڊن ۾ پنھنجي گذريل ڪارڪردگي کي بھتر ڪيو.
ساحل ڪمار چار ڪلاڪ کان گھٽ وقت ۾ ريس مڪمل ڪئي، جڏھن تھ ڊنمارڪ سان تعلق رکندڙ ذيشان رب (4:01:43) ۾ پنھنجي 55ھين ميراٿن مڪمل ڪئي.
ثمين ناصر (4:04:35)، محمد حسن (4:07:25) ۽ عادل علي (4:07:51) سان مضبوط ڪارڪردگي ڏيکاري جڏھن تھ عورتن ۾ حرا ديوان (4:12:53) ۽ ھاديھ ڪشور (4:17:37) سان نمايان رھي.
ھن ايونٽ جي ھڪ اھم ڳالھھ پاڪستاني رنرز جي عالمي نمائندگي ھئي، جن ۾ برطانيھ، آمريڪا، وچ اوڀر ۽ يورپ ۾ رھندڙ پاڪستاني شامل ھئا.
اھي ڪارڪردگيون ان ڳالھھ جي عڪاسي ڪن ٿيون تھ پاڪستاني ڪميونٽي ۾ راندين جو رجحان تيزي سان وڌي رھيو آھي.