اردن جي شاھ جو ايران آمريڪا ڊيل ۾ عرب ملڪن جي تحفظ جي ضمانت جو مطالبو

فہرستِ مضامین

امان: اردن جي بادشاھ شاھ عبداللھ ٻئي مطالبو ڪيو  آھي تھ ايران آمريڪا ڊيل ۾ عرب ملڪن جي تحفظ جي ضمانت شامل ھئڻ گھرجي.

اردن شاھي ديوان مطابق ڪويتي پرڏيھي وزير اردن جي گادي واري ھنڌ امان ۾ اردن جي بادشاھ شاھ عبداللھ ٻئي سان ملاقات ڪئي.

ملاقات ۾ اردن ۽ ڪويت وچ ۾ تعلقات وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو ۽ خطي ۾ ڇڪتاڻ گھٽ ڪرڻ لاءِ گڏيل عرب مالڪن جي ڪوششن کي تيز ڪرڻ تي ڳالھھ ٻولھھ ڪئي وئي.

ڪويتي پرڏيھي وزير سان ڳالھھ ٻولھھ ۾ شاھ عبداللھ جو چوڻ ھو تھ خليج جي سلامتي خطي ۽ دنيا جي سلامتي ۽ استحڪام لاءِ بنيادي حيثيت رکي ٿي، ايران آمريڪا ڊيل ۾ عرب ملڪن جي تحفظ جي ضمانت شامل ھئڻ گھرجي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں