پاسداران انقلاب کي دھشتگرد تنظيم قرار ڏيڻ لاءِ قانونسازي ڪنداسين: برطانيھ

فہرستِ مضامین

لنڊن: برطانوي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر چيو آھي تھ ھو ايران جي پاسداران انقلاب کي دھشتگرد تنظيم قرار ڏيڻ لاءِ ڪجھھ ھفتن ۾ قانونسازي ڪندو.

فنانشل ٽائمز مطابق ڪيئر اسٽارمر ايران جي پاسدارن انقلاب کي دھشتگرد تنظيم قرار ڏيڻ لاءِ ڪجھھ ھفتن ۾ قانونسازي ڪندو، ان قدم سان يھودي گروھن ۽ ايران ۾ مذھبي حڪومت جي مخالفن جو مطالبو پورو ٿي ويندو.

ان کان اڳ برطانيھ ۾ صرف غير رياستي عنصر تنظيمن کي ئي دھشتگردي ايڪٽ تحت دھشتگرد قرار ڏنو ويندو رھيو آھي.

فنانشل ٽائمز مطابق ھي پھريون موقعو ھوندو تھ ڪنھن ملڪ جي ھٿياربند فوج کي برطانيھ دھشتگرد قرار ڏيندو جڏھن تھ يورپي يونين فيبروري ۾ ئي فيصلو ڪري چڪي آھي تھ پاسداران انقلاب کي دھشتگرد قرار ڏنو ويندو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں