پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج: ڪاروباري ھفتي ۾ منفي رجحان رھيو، 3267 پوائنٽس جي گھٽائي

فہرستِ مضامین

پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ھن ڪاروباري ھفتي ۾ منفي رجحان رھيو، 100 انڊيڪس ڪاروباري ھفتي ۾ 1.88 سيڪڙو ڪريو آھي.

پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ھلندڙ ھفتي 100 انڊيڪس 3267 پوائنٽس جي گھٽتائي سان 170672 تي بند ٿيو.

پوري ھفتي انڊيڪس 8917 پوائنٽس جي احاطي ۾ رھيو ۽ 100 انڊيڪس جي ھفتيوار بلند ترين سطح 175298 رھي جڏھن تھ گھٽ ترين سطح 166381 رھي.

حصص بازار ۾ ھن ھڪ ھفتي ۾ 6 ارب شيئرز جا سودا 228 رپين ۾ طئي ٿيا.

مارڪيٽ ڪيپٽلائزيشن سڄي ھفتي ۾ 372 ارب رپيا گھٽ ٿي ھفتي جي اختتام تي 18877 ارب رپيا ٿي وئي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں