ايران جو باضابطه جواب پيش: عباس عراقچي جي عاصم منير سان اهم ملاقات

فہرستِ مضامین

اسلام آباد:

ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي پاڪستان جي آرمي چيف عاصم منير سان ملاقات دوران مختلف سفارتي تجويزن تي تهران جو باضابطه ۽ جامع جواب پيش ڪري ڇڏيو آهي.

ايراني سرڪاري ٽي وي موجب، ايران طرفان ڏنل جواب انتهائي تفصيلي نوعيت جو آهي، جنهن ۾ تهران جا سڀ اهم خدشا، نقطه نظر ۽ غور ويچار شامل ڪيا ويا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته هي پيش رفت علائقائي سفارتڪاري ۾ اهم موڙ طور ڏٺي پئي وڃي.

رپورٽن مطابق، هي ملاقات اهڙي وقت ٿي آهي جڏهن پاڪستان خطي ۾ مختلف سفارتي ڪوششن ذريعي ڌرين وچ ۾ رابطا وڌائڻ ۽ ممڪن ڳالهين کي اڳتي وڌائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.

واضح رهي ته عباس عراقچي پنهنجي دوري دوران پهرين باضابطه ملاقات عاصم منير سان ڪئي. ملاقات ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ قومي سلامتي جي صلاحڪار عاصم ملک پڻ شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي ايران جي نائب پرڏيهي وزير غريب آبادي ۽ پاڪستان ۾ ايران جو سفير اميري مقدم پڻ موجود هئا، جتي ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي حالتن ۽ سفارتي امڪانن تي تفصيلي ڳالهيون ٿيون.

سفارتي ذريعن موجب، ايراني پرڏيهي وزير اڄ وزيراعظم شھباز شريف سان به ملاقات ڪندو، جنهن کان پوءِ هو ساڳئي ڏينهن پاڪستان مان روانو ٿي ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ايراني وفد جو پاڪستان ۾ وڌيڪ ترسڻ جو ڪو ارادو ناهي.

ان کان علاوه ڄاڻايل آهي ته عباس عراقچي پنهنجي وفد سان گڏ ايندڙ مرحلي ۾ عمان ۽ روس جا دورا به ڪندو، جتي وڌيڪ سفارتي رابطا جاري رکيا ويندا.

تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته هن ملاقات ۽ ايران جي باضابطه جواب پيش ڪرڻ سان خطي ۾ جاري سفارتي سرگرمين ۾ نئين تحريڪ پيدا ٿي سگهي ٿي، خاص طور تي ان پس منظر ۾ جڏهن مختلف ڌريون ڳالهين ۽ تڪرارن جي حل لاءِ ڪوششون تيز ڪري رهيون آهن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں