ماسڪو: روس جي پرڏيھي معاملن واري وزير سرگئي لاوروف آمريڪا تي شديد تنقيد ڪندي چيو آھي تھ آمريڪا جي ٻين ملڪن ۾ فوجي مداخلت صرف تيل لاءِ آھي.
روسي پرڏيھي معاملن واري وزير سرگئي لاوروف چيو تھ تمام آمريڪي مداخلتون تيل لاءِ آھن، آمريڪا پنھنجي فوجي مداخلتن کي لڪائي نٿو جيڪي سموريون تيل سان جڙيل آھن، ايران ۽ وينزويلا جي مثال اسان سامھون آھي.
ھن چيو تھ آمريڪا توانائي وسيلا حاصل ڪرڻ لاءِ ٻين ملڪن تي حملا ڪندو آھي، آمريڪا عالمي توانائي مارڪيٽن تي غلبو حاصل ڪرڻ جي پاليسي تي عمل ڪري رھيو آھي.
ھن وڌيڪ چيو تھ واشنگٽن پنھنجي مفادن لاءِ بغاوتون، اغوا ۽ ايتري قدر جو اڳواڻن جي قتل جھڙا طريقا بھ اختيار ڪندو آھي، آمريڪي طرز عمل سان بين الاقوامي قانونن جي حيثيت ڪمزور ٿي رھي آھي.
روسي پرڏيھي معاملن واري وزير واضح ڪيو تھ آمريڪا سبب دنيا ۾ ھاڻ “جنھن جي لٺ ان جي مينھن” وارو تصور غالب اچي رھيو آھي.